16 جمعہ , نومبر 2018

رهتون جلد ڏينداسين، اشتهارن جي نئين پاليسي جوڙبي، سي پي اين اي کي به شامل ڪنداسين: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ سرڪار پاران اخبارن کي اشتهار ڏيڻ بابت نئين پاليسي آڻڻ جو اعلان ڪندي سي پي اين اِي کي خاطري ڪرائي وئي آهي ته اخبارن کي رهتون جلد ادا ڪيون وينديون. سنڌ ۾ وڏي وزير جي اطلاعات واري صلاحڪارمرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڄاڻ تائين رسائي واري قانون کي فعال بڻائي صحافين سان گڏجي ڪم ڪنداسين. هن چيو ته اخبارن کي اشتهارن واري ورڇ بابت نئين سِر پاليسي ٺاهي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز  ”سي پي اين اِي“ پاران منعقد ڪيل ”ميٽ دي ايڊيٽرز“ واري تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 1973ع جي آئين ۾ ميڊيا کي مڪمل آزادي ڏني آهي. هن چيو ته ڄاڻ تائين رسائي وارو بل به پيپلز پارٽي آندو. جنهن کي فعال بڻائي ميڊيا وارن سان گڏجي ڪم ڪنداسين. سنڌ ۾ اشتهاري پاليسي سميت ميڊيا بابت ڪنهن به فيصلي سازي ۽ قانونسازي ۾ سي پي اين اي سان ڀرپور مشاورت ڪئي ويندي. هن چيو ته صحافي اسان جي غلطين جي نشاندهي ڪن ته اسان اتي بهتري آڻينداسين. پر اسان جي سُٺن ڪمن کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته اخبارن جون رهتون کين جلد ڏياريون وينديون. هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ 60 ننڍا ڊيم مڪمل ٿي چُڪا آهن. 21 ڊيمن تي ڪم هلي رهيو آهي. جڏهن ته سنڌ سرڪار پاڻي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ 122 ننڍا ڊيم ٺاهڻ جو ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته صحافين جا مسئلا مان پنهنجا مسئلا سمجھان ٿو. پيپلز پارٽي ڪڏهن به سنڌ ۽ عوام جي مسئلن تي آواز اٿارڻ لاءِ پوئتي ناهي هٽي. هن چيو ته دل جون اسپتالون رڳو ڪراچي ۾ نه پر 7 شهرن ۾ قائم ٿيل آهن. ايس آءِ يو ٽي به حڪومتي سهڪار سان ڪراچي کان پوءِ سکر ۽ حيدرآباد ۾ به ڪم ڪري پئي. پيپلز پارٽي پنهنجي حڪومتي دور ۾ پاڻي جي لائينن، ڪراچي ۾ اورهيڊ برج سميت شاهراهن تي وڏو ڪم ڪيو آهي. ان موقعي تي عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سرواڻ ۽ سي پي اين اِي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته ميڊيا سان مشاورت واري عمل کي ميڊيا جي آزادي لاٰءِ جاري ۽ شامل رکيو وڃي. پران عمل کي پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اخبارن کي ادائگيون نه ڪندڙ اشتهاري ايجنسين کي پابند بڻايو وڃي ۽اشتهاري ايجنسين جي 15 سيڪڙو ڪميشن کان سواءِ رقم سِڌي ريت اخبارن کي ئي ڏني وڃي. هن چيو ته اطلاعات وارو صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب پنهنجي والدين جي تربيت تي عمل ڪري پيو ۽ سندس پارٽي عوامي جدوجهد ڪندڙ پارٽي آهي. اظهار جي آزادي ۽ صحافت انسان جا بنيادي حق آهن. هن چيو ته معلومات کي محدود ڪرڻ بجاءِ صحافين کي ڄاڻ تائين رسائي فراهم ڪئي وڃي، هن چيو ته ميڊيا پاليسي ۾ سي پي اين اِي کي به شامل ڪيو وڃي. هن چيو ته اخبارن جا تفصيل ويب سائيٽ تي رکي ماضي جي سمورين بيقاعدگين کي به نظر ۾ رکيو وڃي. ميڊيا جا ادارا مالي بحران ۾ هجڻ سبب ملازمن کي پگھارون به نه پيا ڏئي سگھن. ماضي ۾ سنڌ سرڪار اشتهارن واري رقم جيڪا اشتهاري ايجنسين کي ڏني وئي هئي اها اخبارن کي نه ملي سگھي آهي اجلاس جي پڄاڻي تي ڊاڪٽر جبار خٽڪ اطلاعات بابت صلاحڪار کي سنڌ جو روايتي تحفو اجرڪ ۽ شيلڊ پيش ڪئي.063041

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ هي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے