21 اتوار , اکتوبر 2018

امام الحق جي ميڊيا تي تنقيد: اها منهنجي غلطي ناهي ته مان انضمام الحق جو ڀائيٽو آهيان

دبئي ( اسپورٽس نيوز ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنگ بيٽسمين امام الحق اعتراف ڪندي چيو آهي ته ميڊيا تي مٿس غيرضروري تنقيد ٿي رهي هئي، پر مان ڪارڪردگي ڏيکاري ميڊيا کي خاموش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪندو رهندس.  دبئي ۾ ڪرڪيٽ اڪيڊمي پريڪٽس سيشن دوران خانگي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ ٽيسٽ اوپنر امام الحق شڪايت ڪندي چيو ته جڏهن مان حبيب بئنڪ طرفان ٽرافي جي فائينل ۾ ڊبل سينچري اسڪور ڪئي هئي،  ان وقت به ميڊيا منهنجي حق ۾ نه ڳالهايو، جڏهن بنگلاديش ۾ پاڪستان اي طرفان کيڏندي 2 سنيچريون اسڪور ڪيون تڏهن به ميڊيا جا توپ خاموش رهيا، جڏهن منهنجي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ سليڪشن ٿي تڏهن منهنجي ذات تي آڱريون کڄڻ لڳيون ميڊيا ۾ آواز ٻُرڻ لڳا ته انضمام الحق جو ڀائيٽو آهي ۽ جڏهن ڊبيو مئچ ۾ سينچري اسڪور ڪئي ته ڍُڪو آهي چيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته ڊبلن ۾ آئير لينڊ خلاف ميچ ۾ ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيم تڏهن به ميڊيا چپ رهي، جڏهن زمبابوي خلاف 3 سينچريون اسڪور ڪيون تڏهن اهو چيو ويو ته ڪمزور ٽيم ۽ ڪمزور مخالف خلاف 3 سنيچرين جي ڪهڙي اهيمت آهي. ان موقعي ته امام الحق جذباتي ٿي ويو ۽ چيائين ته هو ايشيا ڪپ ۾ پڻ اهڙي ئي يادگار ڪاڪردگي ڏيکارڻ چاهي ٿو جنهن کي سڄي دنيا ياد رکي. هن ٻڌايو ته هو خوش قسمت آهي جو کيس شعيب ملڪ جهڙن سينيئر ساٿين جو ساٿ مليو جيڪي هر قدم تي منهنجي رهنمائي ڪري رهيا آهن. پاڪستان ٽيم جي بيٽنگ ڪوچ گرانٽ فلاور پڻ مون تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ محنت ڪئي آهي ۽ پاڪستان ٽيم ۾ اچڻ کان اڳ هن مون کي چيوهو ته پاڪستان لاءِ کيڏندس. انٽرويو دوران امام الحق چيو ته ڪنهن وڏي شخصيت جو مائيٽ هجڻ ڪري مونکي ذاتي طور تمام گهڻو نقصان برادشت ڪرڻو پيو آهي ، ميڊيا مونکي غيرضروري طور تي نشانو بڻايو آهي پر پاڻ مٿان ٿيندڙ تنقيد کان گهٻرائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي، لاڳيتو محنت ڪئي ۽ ان جي موٽ ملي رهي آهي. امام الحق چيو  مان زمبابوي خلاف 110، 113، 0، 44، 128 جي اننگز کيڏيون پر ڪو به منهنجي ساراهه نه ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، مونکي ان تنقيد سان وڌيڪ طاقت ملي رهي آهي ۽ انشاءَ الله ايشيا ڪپ منهنجي عالمي ڪيريئر ۾ وڌيڪ ڪاميابي آڻيندو . پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنگ بيٽسمين ميڊيا کان سخت ناراض نظر اچي رهيو آهي ان انٽرويو دوران پڻ هو ڪافي ڀيرا حد مان نڪري ويوهو. جڏهن کائنس سوال ڪيو ويو ته انضمام الحق سان رشتيداري جو توهان تي دٻاءُ آهي، ته هن جواب ڏنو ته اها منهنجي غلطي ناهي ته مان سندس ڀائيٽو آهيان، پر ميڊيا کي منهن ڏيڻ وارو هنر سکي ورتو آهي. هاڻ مان تمام گهڻو ميچوئر ٿي ويو آهي. ميڊيا ڪجهه به چئي مونکي ڪو فرق نٿو پوي. ميڊيا ٽيم چونڊجڻ بعد به گهڻو ڪجهه چيو ته پر موٽ بيٽ آهي ۽ مان ميدان ۾ کيڏڻ چاهيان ٿو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هو رڳو امام الحق بڻجڻ چاهي ٿو. منهنجي شروعاتي بهترين ڪاڪردگي منهنجي خاندان ۽ انتظاميا جي محنتن جو نتيجو آهي. امام الحق کان جڏهن هڪ سينيئر ڀارتي صحافي سوال ڪيو ته انضمام الحق کي ننڊ ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق هوندو هو ته ڇا توهان کي ننڊ ڪرڻ جو شوق آهي؟ جنهن تي امام الحق سڌ جواب ڏنو ته ڇا توهان ان سان گڏ ستا آهيو. جنهن بعد امام الحق ڪڙڪي پيو ۽ چيائين ته جي مونکي به ننڊ ڪرڻ جو شوق آهي؟  جڏهن کائنس سوال ڪيو ويو ته ڇا هو ايشيا ڪپ کٽي نئين وزيراعظم عمران خان کي تحفو ڏيندو؟ جنهن جي جواب امام چيو ته عمران خان کي نه پوري قوم کي تحفو ڏينداسين. ڪو به ايونٽ يا سريز کٽڻ ته پوري قوم ۾ خوش واري لهر ڊوڙي ويندي آهي. امام وڌيڪ چيو ته پاڪستان چيمپئنز ٽرافي کانپوءِ سٺي ڪاڪردگي ڏيکاري آهي پر ڀارتي ٽيم ورات ڪوهلي کانسواءِ به بهترين آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪارڪردگي باوجود نظرانداز ڪيو پيو وڃي: اعزاز چيما

لاهور (اسپورٽس نيوز) ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ فواد عالم سان گڏوگڏ فاسٽ بالر اعزاز چيما کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے