18 اتوار , نومبر 2018

ايشيا ڪپ: ڪڏهن ڪيئن ۽ ڪير ڪامياب رهيو: رپورٽ

ڪراچي ( رپورٽ ايس ايس ) ايشيائي ڪرڪيٽ ٽيمن جو سڀ کان وڏو ميلوسڀاڻي(15 سپٽمبر) کان گڏيل عرب امارتن ۾ شروع ٿي رهيو آهي14 هون ڪرڪيٽ ايشيا ڪپ سڀاڻي کان گڏيل عرب امارتن ۾ شروع ٿي رهيو آهي. ايشيا کنڊ جي ٽاپ ٽيمن تي ٻڌل ڪرڪيٽ جو هي وڏو ميلو هر ٻئين سال ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي سهڪار سان منعقد ٿيندو آهي. 14 هين ايشيا ڪپ ۾ 6 ٽيمون حصو وٺي رهيو آهن جن کي ٻن گروپ ۾  ورهايو ويو آهي. پاڪستان ڀارت ۽ هانگ ڪانگ گروپ اي ۾ جڏهن ته سريلنڪا، بنگلاديش ۽ افغانستان کي گروپ بي ۾ شامل آهن. ايونٽ جي باقاعدا شروعات بنگلاديش ۽ سريلنڪا جي ٽيمن وچ ۾ دبئي ۾ کيڏي ويندڙ مئچ سان ٿيندي جيڪا پاڪستاني جي معياري وقت موجب شام ساڍي چئن وڳي  شروع ٿيندي گرين شرٽس پنهنجي پهرين گروپ مئچ 16 سپٽمبر تي دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ هانگ ڪانگ خلاف کيڏندي. ايونٽ جو سڀ وڏو ٽاڪرو روايتي مخالفن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ 19 سپٽمبر تي ٿيندو.15  کان 20 سپٽمبر تائين گروپ اسٽيج مقابلا ٿيندا جنهن بعد ايونٽ جون چار بهترين ٽيمون ٻئي مرحلي لاءِ ڪوليفائي ڪنديون. ايونٽ جو ن ٻيو مرحلو 21 سپٽمبر کان شروع ٿيندو .ايونٽ جا سمورا مقابلا  دبئي ۽ ابوظهبي جي ميدانن تي کيڏيا ويندا. 28 سپٽمبر تي ٽورنامنٽ جو ٻه ٽاپ ٽيمون ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ دبئي جي ميدان تي  آمهون سامهون ٿينديون. ڪرڪيٽ ايشيا ڪپ جون پهريون ايونٽ سال 1984 ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ ڀارتي ٽيم سوڀاري رهي. آخري ايونٽ 2016 ۾ ٿيو . جيڪو  ون ڊي فارميٽ بجاءِ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ منعقد ڪرايو ويو جنهن  ۾ پڻ ڀارتي ٽيم ڪاميابي حاصل ڪئي . ايشين ڪرڪيٽ ڪونسل جي سهڪار سان ايشيا جي ٽاپ ٽيمن تي ٻڌل ايونٽ جي شروعات سال 1984 کان گڏيل عرب امارتن کان ٿي.ون ڊي فارميٽ (50 ارون واري ڪرڪيٽ) تي ٻڌل ايونٽ جو پهريون فائينل  شارجه جي ميدان تي ٿيو جنهن ۾ سريلنڪا ۽ ڀارت جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون، جنهن ۾ ڀارتي ٽيم سريلنڪا کي شڪست ڏئي پهريون ايشيا ڪپ پنهنجي نالي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي. سال 1986 ۾ ٿيندڙ ايشيا ڪپ جي ميزباني سريلنڪا جي حصي ۾ آئي ۽ فائينل ۾ سريلنڪا ۽ پاڪستان جو مقابلو ٿيو جنهن ۾ سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم 5 وڪيٽن تان سوڀاري رهي ۽ پهريون ڀيرو ايشيائي ڪرڪيٽ تي حڪمراني ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪيائين. 1988 ۾ ٻيو ڀيرو گڏيل عرب امارتن جي ميزباني ۾ ٿيل ايونٽ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر شارجه جي ميدان تي سريلنڪا ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ فائينل ٿيو جنهن ۾ ڀارت 6 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪري ٻيو ڀيرو ايونٽ پنهنجي نالي ڪيو. 91/1999 جي ايونٽ جي ميزباني ۽ ڀارت جي حصي ۾ آئي ۽ ايڊن گارڊنز جي تاريخي ميدان تي کيڏيل فائينل ۾ ڀارتي ٽيم سريلنڪا کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي لاڳيتو ٻيو ڀيرو ايونٽ کٽڻ ۾ ڪامياب رهي. 1995 ۾ يو اي اي ۾ ٿيندڙ ايونٽ ۾ ڀارت ۽ سريلنڪا جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون ۽ جنهن ۾ ڀارت آئي لينڊرز کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي لاڳيتو ٽيون ڀيرو ڪاميابي ماڻي ايونٽ کٽڻ جي هيٽرڪ مڪمل ڪئي.1997 ۾ سريلنڪا ۾ ٿيل ايونٽ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سريلنڪا ۽ ڀارت آمهون سامهون ٿيا ۽ سريلنڪن ٽيم 8 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي ڀارت جي ڪاميابين تي بريڪ هنئي. 2000  بنگلاديش ۾ ٿيندڙ ايونٽ ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا  جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون جنهن ۾ گرين شرٽس 39 رنسن تان سوڀ حاصل ڪئي. چئن ورهين جي وقفي بعد 2004 ۾ ٿيندڙ ايونٽ جي ميزباني سريلنڪا جي حصي ۾ آئي فائينل ۾ ڀارت ۽ سريلنڪا آمهون سامهون ٿيون ۽ جنهن ۾ سريلنڪن ٽيم 25 رنسن تان فاتح رهي. هڪ ڀيرو ٻيهر چئن ورهين جي وٿي بعد پهريون ڀيرو ايشيا ڪپ جي ميزباني پاڪستان جي حصي ۾ آئي ۽ ڪراچي جي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ فائينل ۾ سريلنڪا ۽ ڀارت جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون جنهن ۾  سريلنڪن ٽيم 100 رنسن تان سوڀ پنهنجي نالي ڪئي. 2010 ۾ ايونٽ سريلنڪا ۾ معنقد ٿيو فائينل ۾ ڀارت ۽ آئي لينڊرز آمهون سامهون ٿيا ۽ ڀارت ۽ 81 رنسن تان فاتح رهيو. 2012 ۾ ۽ ان کانپوءِ به لاڳيتو ٻه ڀيرا بنگلاديش ايونٽ جي ميزباني ڪئي ته 2012 ۾ گرين شرٽس ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي ۽ جڏهن ته 2014 ۾ سريلنڪا ۽ 2016 ۾ ڀارت فاتح رهيو. هن وقت تائين ٿيندڙ 13 ايونٽن ۾ ڀارت 6 ڀيرا فاتح رهيو، 5 ڀيرا ٽرافي سريلنڪا جي نالي رهي جڏهن ته 2 ڀيرا پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سوڀاري رهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪهڙي به نمبر تي موڪليو وڃي سو سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان: بابر اعظم

لاهور (اسپورٽس نيوز ) ٽيل اينڊرز جي ساٿ ڇڏي وڃڻ تي بابر اعظم مايوسي جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے