21 بدھ , نومبر 2018

نئين بجيٽ ۽ ٽيڪسن جو سوال….

گذريل حڪومت ويندي ويندي جيڪا ٽن مهينن جي بجيٽ پيش ڪئي هُئي، ان بعد تحريڪ انصاف جي حڪومت اچڻ کان پوءِ پنهنجي دور جي پهرين نون مهينن جي وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت جيڪا پنهنجي نون مهينن لاءِ بجيٽ پيش ڪندي اها جهڙوڪر تحريڪ انصاف جي مجموعي پاليسين جو پرتوو هوندي، ان مرحلي تي اهم ڳالهه اها آهي ته تحريڪ انصاف جي پهرين بجيٽ ۾ تحريڪ انصاف حڪومت جا پهريان ٽي مهينا به شامل آهن، پهرين ٽن مهينن ۾ ڪابه حڪومت پنهنجي حڪومت جي پهرين ڪارڪردگيءٌ متعلق مجموعي ترقياتي منصوبن جو روڊ ميپ پيش ڪندي آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجي پهرين بجيٽ ۾ مجوعي طور تي پنهنجن ايندڙ سالن لاءِ ترقيءَ جو هڪ روڊ ميپ پيش ڪندي، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پيش ڪيل پهرين بجيٽ ۾ تحريڪ انصاف ڪيترو ڪامياب ٿئي ٿي.

ڪنهن به حڪومت لاءِ بجيٽ پيش ڪرڻ مهل ملڪ جي مجموعي آمدني ۽ خرچ اهميت وارا هوندا آهن ۽ انهن سڀني کان وڌيڪ اهميت واري ڳالهه اها هوندي آهي ته ملڪ تي ڪيترا ڏيڻ لائق قرض آهن، ملڪ جي آمدني، خرچ ۽ قرض مجموعي طور تي اهي ٽي عنصر اهڙا آهن جيڪي مجموعي طور تي ان ملڪ جي انساني ۽ سماجي ترقيءَ تي اثر انداز ٿيندا آهن، هاڻي جيڪڏهن ملڪ تي قرضن جو بار گهٽ آهي ۽ برآمدي واپار وڌيڪ آهي ته سمجهبو ائين ته ان ملڪ جي معيشت ترقي ڪري رهي آهي، اها منزل دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي معيشت ۽ ترقيءَ لاءِ انتهائي مثالي هوندي آهي.،

پاڪستان جي سلسلي ۾ اها ڳالهه انتهائي بدنصيبيءَ واري آهي جو پاڪستان تي هڪ ته ڏيڻ لائق قرض وڌي رهيا آهن ۽ ٻيو ته ملڪ جو برآمدي واپار گهٽجي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جي معيشت زوال پذير رهي ٿي، ملڪ جي معيشت جي زوال پذير رهڻ جو نتيجو ملڪ جي مجموعي سماجي ۽ انساني ترقيءَ تي اثر انداز ٿئي ٿي.

تحريڪ انصاف حڪومت سنڀالڻ بعد جنهن شيءِ تي سڀ کان وڌيڪ  توجهه ڏني آهي اها آهي معيشت جنهن کي سنڀالڻ لاءِ تحريڪ انصاف قدم کڻي رهي آهي، اهڙن قدمن ۾ تحريڪ انصاف ترقياتي بجيٽ ۾ 400 اربن جي ڪٽوتي ڪرڻ ۽ وري 400 اربن جي ٻي گنجائش پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي. جڏهن ته حڪومت ٽيڪس سڌارا ڪرڻ لاءِ پڻ ڪوششون ڪري رهي آهي.

اطلاع اهي آهن ته تحريڪ انصاف جي حڪومت مالي سال 19-2018 جي فنانس واري بل ۾ وڏيون ترميمون آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي جن تحت گذريل دور ۾ ٽيڪس مان ڇوٽ ڏيڻ واري معاملي ۾ پڻ ترميم ڪئي ويندي . اطلاعن موجب مسلم ليگ ن جي حڪومت 12 لک رپين تائين سالياني آمدني وارن شهرين کي جيڪا ٽيڪس جي ڇوٽ ڏني هئي، تحريڪ انصاف جي حڪومت ان کي نه صرف ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر هاڻي ان حد کي گهٽ ڪري 8 کان 4 لک تائين آڻڻ جو ارادو رکي ٿي، جنهن بعد ماهوار 66 هزار رپيا پگهار کڻندڙ به ٽيڪس ادا ڪندا اڳ ۾ اها حد هڪ لک رپيا هئي. اطلاعن موجب فنانس ايڪٽ ۾ ترميمن ذريعي 800 ارب رپين جو واڌو روينيو حاصل ڪرڻ متعلق منصوبه بندي ڪئي پئي وڃي. انهيءَ ڏس ۾ حڪومت ترقياتي بجيٽ ۾ 400 ارب رپين جي ڪٽوتي ڪرڻ جو ارادو پڻ رکي ٿي جڏهن ته ايف بي آر ۾ ڪيترن ئي قدمن سان 400 ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس پڻ  لڳايا ويندا. مالياتي بل ۾ ترميمن جو مقصد بجيٽ ۽ واپاري خسارو گهٽ ڪرڻ آهي.

ايندڙ بجيٽ ۾ سمورين درآمدي شين تي هڪ سيڪڙو ريگوليٽري ڊيوٽي جي تجويز پڻ ڏني وئي آهي جنهن مان حڪومت کي خاطر خواهه آمدني حاصل ٿيڻ جا امڪان آهن. فنانس بل موجب هڪ هزار کان وڌيڪ شين تي ريگيوليٽري ڊيوٽي ۾ اضافي جو امڪان آهي. پراڻين امپورٽيڊ گاڏين تي ريگيوليٽري ڊيوٽي وڌائي ويندي. موبائل فون تي ٽيڪس 12.5 سيڪڙو مان وڌائي 17.5 سيڪڙو ڪرڻ جا امڪان آهن. بسن جي ٽائرن تي به ريگيوليٽري ڊيوٽي، فرنيس آئل تي ٽيڪس ڊيوٽي، جڏهن ته سال ۾ 4 لک رپيا ۽ ماهوار 33 هزار رپيا ڪمائيندڙ به ٽيڪس ادا ڪندا.

تحريڪ انصاف جي حڪومت جي ايندڙ نون مهينن لاءِ جيڪو بجيٽ جو نقشو مٿي ذڪر ڪيل آهي، ان مان حڪومت جي اهڙين ڪوششن جي ته خبر پئي ٿي ته حڪومت مجموعي طور تي ملڪ  جي معيشت کي بحران مان ڪڍڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي، پر ظاهري طور تي جيڪا ڳالهه سامهون اچي رهي آهي اها ٻڌائي رهي آهي ته حڪومت جي ايندڙ بجيٽ بعد ملڪ ۾ مهانگائي وڌندي، جنهن تي هاڻي ئي ملڪي عوام ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري رهيو آهي.

تحريڪ انصاف جي بجيٽ پنهنجي جاءِ تي پر اسان هتي اها ڳالهه چوڻ ۾ حق بجانب آهيو ته تحريڪ انصاف پنهنجي چونڊ مهم دوران جيڪا ايجنڊه پيش ڪئي هُئي ان ۾ ملڪ مان غربت ۽ مهانگائيءَ کي گهٽائڻ سميت ٽيڪسن ۾ پڻ گهٽتائيءَ جو اظهار ٿيل هو، جڏهن ته هن وقت ملڪ جو عوام ڪيترن ئي قسمن جا ٽيڪس ادا ڪري ٿو ايتري قدر جو هڪ سئو رپين ۾ موبائل ڪارڊ لوڊ ڪرائڻ تي سڌو سئنون ويهه روپين کان مٿي ٽيڪس جي صورت ۾ ادا ڪري ٿو.

سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن عوام ايترا سارا ٽيڪس سڌا سنوان ادا ڪري ٿو ته پوءِ وڌيڪ ڪا به حڪومت ڪيترا ٽيڪس لڳائيندي، ملڪن جون معيشتون ٽيڪسن تي ضرور هلنديون آهن پر ٽيڪسن تي ترقي نه ڪنديون آهن، ملڪن جو معيشتون پرڏيهي واپار ذريعي ترقي ڪنديون آهن، تنهنڪري اسان جي تحريڪ انصاف جي حڪومت کي گذارش اها آهي ته وڌ ۾ وڌ پرڏيهي واپار بهتر بڻائڻ لاءِِ ڪوششون ڪيون وڃن، نه ڪي ٽيڪسز لڳائڻ لاءِ منصوبن بندي ڪئي وڃي.

جمعو 14 سيپٽمبر  2018ع، 3 محرم الحرام 1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سمنڊ ۾ غرق ٿيندڙ سنڌ ۽ سرڪار جو اعتراف

گذريل چئن ڏهاڪن کان سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ هجڻ ڪري سنڌ گهڻ طرفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے