20 منگل , نومبر 2018

اسان سان کيڏو، فون سان نه! جرمني جي ٻارڙن جو  والدين خلاف انوکو احتجاج

جرمني( ويب ڊيسڪ ) ٻارن جي سٺي تعليم ۽ تربيت لاءِ مٿن ڌيان ڏيڻ تمام گهڻو  اهم هوندو آهي پر جيڪڏهن کين والدين طرفان ڀرپور توجهه نه ملي ته هو  مايوسي ۽ ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي ويندا آهن، ان سلسلي ۾ جرمني جي ٻارن والدين کان مطالبو ڪيو آهي ته هو موبائيل فون استعمال ڪرڻ بجاءِ مٿن توجهه ڏين.  جرمني جي شهر هيمبرگ جي رهائشي ستن ورهين جي ايمل رسٽينگ انهن سمورن والدين خلاف احتجاج ڪيو جيڪي پنهنجن ٻارن کي گهٽ وقت ڏيندا آهن ۽ سندن هٿن ۾ هر وقت موبائيل فون هوندي آهي. ايمل پنهنجي والدين جي مدد سان پنهنجي علائقي کان هڪ احتجاجي ريلي ڪڍي، جنهن ۾ شهر جي 150 ٻارڙن شرڪت ڪئي ۽ سندس ساٿ ڏنو. هن ان احتجاج لاءِ باقاعدا هڪ نعرو تيار ڪيو، جنهن ۾ مطالبو هو ته Play with me, not with your cell phones مطلب ته مون سان کيڏو، پنهنجي فون سان نه! ان دوران ايمل لائوڊ اسپيڪر تي ٻارن کي خطاب ۾ چيو ته هوءَ اها اميد ڪري ٿي ته هاڻ اسان جا والدين پنهنجي موبائيل فون گهٽ استعمال ڪندا ۽ اسان سان گڏ گهڻو وقت گذاريندا. هڪ آمريڪي تحقيق موجب 13 کان 17 ورهين تائين جي ٻارن جو شوشل ميڊيا تي چوڻ آهي ته سندن خواهش هوندي آهي ته سندن والدين فون ڊيوائسز کان پري رهن. يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا جي ايڊوليسينٽ ڊيولپمنٽ سينٽر جي ڊائريڪٽر رون ڊهل جو چوڻ آهي ته هي ٻارڙا والدين ۽ دوستن جي سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ سبب پريشان آهن، هي ماڻهو ڏسندا آهن ۽ محسوس ڪندا آهن ته کين کي اهميت ۽ توجهه نه پئي ڏني وڃي. تحقيق موجب جن ٻارن کي والدين طرفان توجهه ناهي ملندي اهي پنهنجو پاڻ کي اڪيلو ۽ غير اهم محسوس ڪندا آهن ان نتيجي ۾ دٻاءُ جو شڪار ٿي ويندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

APEC leaders divided after US, China spat

ايشيا پيسيفڪ اقتصادي تنظيم جو اجلاس چين-آمريڪا واپاري تڪرار جي ور چڙهي ويو

پاپوانيوگائنيا (ويب ڊيسڪ ) ايشيا پسسيفڪ اقتصادي سهڪار تنظيم جو اجلاس چين ۽ آمريڪا جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے