19 پیر , نومبر 2018

ماڻهن”سوئي ڌاڳا“ جي ٽريلر کي پسند ڪيو، ممتا ۽ موجي جو ڪردار سڀني کي متاثر ڪندو: انوشڪا

ممبئي( اسپورٽس نيوز ) بالي ووڊ جي ور اسٽائيل اداڪارا انوشڪا شرما ۽ اُڀرندڙ اداڪار ورون ڌون جي نئين ايندڙ فلم” سوئي ڌاڳا“ جي ٽريلر جي ڌم مچائي ڇڏي هئي ، پر ان ۾ پيش ڪيل انوشڪا شرما جي انداز جا خاص طور تي تمام گهڻا چرچا ٿيا ۽ ان تي ڪيترن ئي مزاحيه ميمز پڻ ٺاهيا، جنهن تي اداڪارا پڻ محفوظ ٿي ۽ هن دلچسپ ردعمل ڏنو. اڄ ڪلهه انوشڪا شرما ۽ ورون ڌون فلم جي ۾مشهوري ۾ مصروف آهن. ويجڙائي ۾ ئي هڪ انٽرويو دوران انوشڪا شرما کان سوال ڪيو ويو ته فلم ۾ شامل توهان جي روئڻ واري تصوير تي ڪافي مزاحيه ميمز ٺاهيا ويا آهن، ان تي توهان ڪاوڙ جو اظهار ناهي ڪيو؟  تي انوشڪا کلندي چيو ته کيس اهو ڏسي تمام گهڻو مزو آيو ته فلم جي ٽريلر ڪيترو هٽ ٿيو ۽ ڪيستائين پکڙيو آهي، جيڪڏهن ماڻهو ان تي ميمز ٺاهي رهيا آهن ته ان جو مطلب آهي ته هو ان کي پسند ڪري رهيا آهن ۽ ان کي پنهنجو پاڻ سان جوڙي رهيا آهن. اداڪارا جو چوڻ هو ته هوءِ جيئن ئي نئين ميمز ڏسندي آهي ته پاڻ ورون ڌون ڏانهن موڪليندي آهي ۽ اسان ٻئي تمام گهڻو محفوظ ٿيندا آهيون. اداڪارا ٻڌايو ته سندس سڀ کان پسديندا ميم”ماريو گيم“ واري آهي جنهن کي ڏسي کيس تمام گهڻي کِل آئي. اداڪارا وڌيڪ چيو ته هي فلم حيقيقي زندگي جي عڪاسي آهي، جنهن ۾ ممتا ۽ موجي جو ڪردار سڀني کي متاثر ڪندو. واضح رهي ته سوئي ڌاڳا ۾ انوشڪا شرما ۽ ورون ڌون پهريون ڀيرو گڏ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندا، فلم 28 سپٽمبر تي سينما گهرن جي سونهن بڻجندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پريانڪا چوپڙاجو مڱيندو نڪ جونز ڪهڙي بيماري ۾ مبتلا آهي؟

ممبئي(شوبز نيوز) مشهور بالي ووڊ اداڪارا پرينڪا چوپڙا جو ٿيندڙ مرس نڪ جونز شگر جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے