15 جمعرات , نومبر 2018

ليڪس ڪمپني پاران ڊيجيٽل سائيڊ مرر واري پهرين ڪار متعارف ڪرائڻ جو اعلان

جاپان ( ويب ڊيسڪ ) جيتوڻيڪ ڪارن جي پاسن ۾ لڳل منهن ڏيکاريندڙ آئينن( بيڪ ويو مررز) کي اليٽرونڪ ۽ ڊيجيٽل بڻائڻ تي ڪافي عرصي کان ڪم جاري آهي پر 2019 ۾ ليڪس ڪمپني پهريون ڀيرو ڪار ۾ ڊيجيٽل اسڪرين لڳائيندي پر پهرين مرحلي ۾ اهو جاپاني گاڏين ۾ متعارف ڪرايو ويندو. ڊيجيٽل آئيني کي ڪمپني ”ڊيجيٽل آئوٽر مِرر“ جو نالو ڏنو آهي ۽ ان ۾ ڪو به ڊسپلي ناهي پر ڪيمرائون لڳل آهن جن جي اسڪرينون ڪار جي اندر لڳايو وينديون جيڪي ٻاهرين ڪيمرائن جا منظر ڏيکاريندا. ڊيجيٽل ڪيمرائن جي مدد سان ڪنهن به شيءَ جي سڃاڻپ ٿي سگهندي ۽ عام شيشن کان هٽيل بلائينڊ اسپاٽ پڻ ظاهر ٿيندا. اها خاص ڪيمرا برسات، برفباري، ڪوهيڙي ۽ طوفان ۾ پڻ ڪم ڪندي ڪار جي پاسن جا منظر اسڪرين تي ظاهر ڪندو رهندي آهي. گاڏي ريورس ڪندي ڪيمرا زوم ڪندي آهي۽ ڪجهه فرضي لائينون بڻائي ڪار پارڪنگ ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڏيندي آهي. ڪار جي پاسي وارن مرر جو ڊسپلي حقيقت ۾ ڪنهن ننڍڙي ڪمپيوٽر يا ٽيبليٽ ڊسپلي جيان نظر ايندو آهي. ليڪس ڪمپني ايندڙ سال ڪارن ۾ ڊيجيٽل سائيڊ مِرر متعارف ڪرائيندي. ڪمپني جو خيال آهي ته ان جي مدد سان ماڻهو روڊ جو بهتر نموني اندازو لڳائي سگهندا جڏهن نقادن ويڊيو معيار کي ڪنهن پراڻي آءِ فون جهڙو ناقص قرار ڏنو آهي. ان جي جواب ۾ ڪمپني جو چوڻ آهي ته ڪميرا ۽ ڊسپلي جو مقصد تفريح بجاءِ رڳو ڪم جا منظر ڏيکارڻ آهي ته جيئن ڊرائيور جو ڌيان روڊ تي ئي رهي. ڪيترن ئي نقادن جو خيال آهي ته ڊيجيٽل آئيني تمام واضح ۽ وڏي انداز ۾ روڊ ڏيکاريندا آهن جنهن سان ڊرايئور کي فائدو ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رت ۾ آڪسيجن جو مقدار ماپڻ وارو لچڪدار آڪسي ميٽر تيار

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ)اسپتالن ۾ آڪسي ميٽر ته جامد هوندا آهن جنهن کي آڱر تي پارائي جسم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے