18 اتوار , نومبر 2018

پي ٽي وي ڪرپشن ڪيس: شاهد مسعود کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي عدالت پي ٽي وي ڪرپشن ڪيس ۾ اينڪر پرسن ڊاڪٽر شاهد مسعود جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت رد ڪندي کيس گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.  اسپيشل سينٽرل جج ارم نيازي اينڪر پرسن ڊاڪٽر شاهد مسعود خلاف پي ٽي وي ڪرپشن ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ڊاڪٽر شاهد مسعود پاڻ پيش نه ٿيو سندس جاءِ تي خاور شاهه ايڊووڪيٽ پيش ٿيو. عدالت اينڪر پرسن جي پاڻ پيش نه ٿيڻ تي سندس ضمانت رد ڪري ڇڏي ۽ کيس گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته ڊاڪٽر شاهد مسعود ذاتي طور پيش نه ٿيو آهي، جوابدار کي پاڻ پيش ٿيڻو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے