18 اتوار , نومبر 2018

اترڪوريا جي ايٽمي ۽ ميزائل پروگرام۾ مدد جو  الزام،آمريڪا روس ۽ چين تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

واشنگٽن/سيئول( ويب ڊيسڪ ) اتر ڪوريا جي ايٽمي ۽ ميزائل پروگرام جي مدد ڪرڻ جي الزام تي آمريڪا روس ۽ چين جي ڪمپنين تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪا چين ۾ قائم هڪ هڪ ٽيڪ فرم، ان جي اتر ڪوريائي سربراهه ۽ هڪ روسي سبسڊري تي تازو بندش هڻي ڇڏي آهي.مٿن الزام مڙهيو ويو آهي ته انهن اتر ڪوريا تي لاڳو آمريڪي پابندي جي ڀڃڪڙي ڪندي انهن ڪيمونسٽ ملڪ ۾ غيرقانوني فنڊنگ پهچائي آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪوشش آهي ته اقتصادي پابندين کي بحال رکندي پيانگ يانگ تي دٻاءُ وڌايو وڃي ته هو جوهري ۽ ميزائل پروگرام تان هٿ کڻي وڃي. روس جي ڪمپني ووليسز سلور اسٽار ۽ چين ۾ قائم ڪمپني ينبين سلور اسٽار نيٽ ورڪ ٽيڪنالوجي تي پابندي هنئي وئي آهي. ان کانسواءِ آمريڪا اتر ڪوريا جي ڪمپني سونگ هوا جونگ تي پڻ پابندي لڳائي ڇڏي.ٻئي پاسي ڏکڻ ڪوريا جي صدر مون جي ان چيو آهي ته اتر ڪوريا پنهنجو ايٽمي پروگرام ختم ڪرڻ تي راضي ٿيندي نظر اچي رهيو آهي ۽ ٻئي پاسي آمريڪا اتر ڪوريا سان تلعقات بهتر بڻائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته ڏکڻ ڪوريا جي صدر مون جي ان ايندڙ هفتي اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ سان سندن ٽئين ملاقات ڪندو جنهن ۾ ٻي طرفي تعلقات کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي ڳالهيون ڪيون وينديون. مون اعتراف ڪيو آهي ته امن وارين ڳالهين ۾ رڪاوٽون آهن جن کي ڏور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جدي ۾ قيد پاڪستانين جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

پشاور(ويب ڊيسڪ) جدي ۾ قيد پاڪستانين جو ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو آهي، جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے