20 منگل , نومبر 2018

وزيراعظم عمران پاران چين جي دوري ۾ شيخ رشيد کي به گڏ وٺي وڃڻ جو اعلان

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان نومبر ۾ چين جي دوري دوران شيخ رشيد کي به پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي. راولپنڊي ۾ ٽرين جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان خوش قسمت آهيون جو اسان جا چين سان نهايت بهترين لاڳاپا آهن. هن چيو ته چين ريلوي ۾ سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي، سڀ کان بهترين ٽرينون اتي هلي رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته نومبر ۾ چين جو دورو ڪندس ۽ شيخ رشيد کي به اتي وٺي ويندس، اسان اتان نئين سوچ کڻي اينداسين ته اسان کي ڪيئن پنهنجي ريلوي کي اپ گريڊ ڪرڻو آهي، نيٽ ورڪ کي سموري ملڪ تائين پکيڙڻو آهي. سندس چوڻ هو ته شيخ رشيد 65 ورهين کان وڌيڪ عمر جي شهرين لاءِ ڀاڙو اڌ ڪري ڇڏيو آهي، توهان مون کي فائدو پهچايو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ٽرين تي عام ماڻهو سفر ڪندو آهي، انگريز جيڪا ٽريڪ ڇڏي ويو آهي اهي ئي پراڻو سسٽم اڄ به آهي، ڪيترن ئي هنڌن تي اسان پٽڙيون ختم ڪري ڇڏيون، حڪومت عام ماڻهن جي بهتري لاءِ قدم کڻندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے