14 بدھ , نومبر 2018

ڪراچي جي سامونڊي ڪنارن تي قلم 144 تي تحت وهنجڻ تي بندش

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ حڪومت ڪراچي جي ڪنارن تي قلم 144 تحت وهنجڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي. گهرو سيڪريٽري جي صحيح سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سمنڊ ۾ وهنجڻ تي پابندي بلند ڇولين سبب لاڳو ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب پابندي جو اطلاق 17 سپٽمبر کان 30 ڏينهن تائين هوندو. ڪراچي جي سامونڊي ڪنارن تي اڪثر ماڻهن جي ٻڏڻ جا واقعا پيش ايندا رهندا آهن، جنهن سان ماڻهن جي بي احتياطي ۽ ڪجهه هنڌن تي حفاظي انتظامن جي کوٽ جهڙا عملن جو به هٿ هوندو آهي. هلندڙ سال جون ۾ پڻ ڪراچي ويجهو شپ بريڪنگ يارڊ گڏاڻي واري ڪناري تي سمنڊ ۾ وهنجندي 17 ڄڻا ٻڏي ويا هئا، جن مان 11 ڄڻن کي بچايو ويو هو. ساڳي ئي مهيني ۾ ڪراچي جي سامونڊي ڪناري سينڊز پٽ تي پڻ ٻه نوجوان ٻڏي فوت ٿي  ويا هئا، جيڪي عيد الفطر جي ٻئي ڏينهن پڪنڪ ملهائڻ ڪناري تي ويا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے