21 بدھ , نومبر 2018

نيوز |ڪراچي: سنڌ اسيمبلي اڳيان وائيس فار مسنگ پرسن پاران بينر ۽ پمفليٽ لڳائڻ جو سلسلو جاري

 سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي اڳيان وائيس فار مسنگ پرسن جي اڳواڻن پاران بينر ۽ پمفليٽ لڳائڻ جو سلسلو جاري آهي .

وائيس فار مسنگ پرسن جي ڪنوينر سورٺ لوهار ۽ سسئي لوهار تاريخي سنڌ اسيمبلي جي دروازي تي سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪرڻ لاءِ بينر ۽ پمفليٽ لڳايا.

ان موقعي تي سورٺ لوهار ۽ سسئي لوهار چيو ته سنڌ مان ماڻهن کي بنا ڪنهن سبب جي کنڀي گم ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ته جيڪڏهن گم ٿيل ماڻهن تي ڪو ڪيس داخل آهي يا هو ڪنهن غيرقانوني سرگرمي ۾ ملوث آهن ته کين عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي .

هنن چيف جسٽس ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو  ته سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن  کي آزاد ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن .

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڇاڇرو: عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي

*ڇاڇري ۾ به سنڌ جي ٻين شهرين جيان جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے