21 بدھ , نومبر 2018

بلاول ڀٽو سنڌ جي وڏي وزير کي ٿر جي حالتن تي نظر رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي هر صورت ۾ عوام جي اميدن تي پورو لهڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات جي موقعي تي ڪيو. سندس چوڻ هو ته حڪومت عوامي اميدن کي نظر ۾ رکي. هن وڌيڪ چيو ته ٿر ۽ ٻين علائقن ۾ حالتن ۽ مسئلن تي نظر رکي وڃي ۽ اُتي جاري منصوبن جو جائزو ورتو وڃي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته بهتر حڪمت عملي ۽ حڪمراني سان حالتون بهتر بڻايون وينديون، سنڌ کي ترقي يافته ۽ خوشحال صوبو ڏسڻ چاهيون ٿا. بلاول هائوس ۾ ٿيل ان ملاقات ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پيپلز پارٽي جي چيئرمين کي بريفنگ ڏني ۽ جاري منصوبن بابت آگاهه ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آشيانه اقبال اسڪينڊل: نيب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير خلاف ريفرنس تيار ڪري ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ ) نيب آشيانا اقبال اسڪينڊل ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے