20 منگل , نومبر 2018

ڪوڙا اڪائونٽ ڪيس: جي آءِ ٽي پهريون نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڪوڙي اڪائونٽ ڪيس بابت بڻيل جي آءِ ٽي باضابطا طور تي پنهنجي ڪم جو آغاز ڪندي پهريون نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ جي حڪم تي بڻيل جي آءِ ٽي هاڻ مڪمل طور تي فعال ٿي چڪي آهي جيڪي ايندڙ هفتي پنهنجي پهرين رپورٽ پيش ڪندي. ڪيس جي جي آءِ ٽي هاڻ ڪراچي ۾ ڪندي، جنهن شهر جي علائقي گلستان جوهر ۾ موجود ايف آءِ اي جي نئين آفيسر ۾ پنهنجي آفيس قائم ڪري ورتي آهي ۽ جيڪي جي ٽي آءِ جا ميمبر اسلام آباد ۾ ڪري رهيا هئا هاڻ اُهي ڪراچي ۾ ئي رهندا. ذريعن موجب ڪراچي ۾ جي آءِ ٽي جي آفيس جا سمورا انتظاميا معاملا آخري مرحلن ۾ آهن ۽ جي آءِ ٽي جا سمورا ميمبر جاچ جي پهرين مرحلي ۾ پنهنجي لاڳاپيل ادارن کان سپورٽنگ اسٽاف به طلب ڪري چڪا آهن جڏهن ته جي آءِ ٽي جي ان آفيس لاءِ سيڪيورٽي جا به بندوبست مڪمل ڪيا ويا آهن جنهن جي لاءِ پوليس ۽ رينجرز  جي مقرري به ٿي چڪي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جي آءِ ٽي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر سميت ٻين سمورن نامزد جوابدارن کي سومر کان طلب ڪرڻ شروع ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے