20 منگل , نومبر 2018

وزير اعظم عمران خان ” ميانوالي ريل ڪار“ جو افتتاح ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان ” ميانوالي ريل ڪار“ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزير اعظم عمران خان ” ميانوالي ريل ڪار“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ٽرين جو سفر عام ماڻهو جو سفر آهي ۽ جيڪي حڪومتون عوام جو سوچينديون آهن اُهي هميشه پنهنجو ٽرين نيٽ ورڪ ٺيڪ ڪنديون آهن. هن چيو ته انگريز اسان جي ملڪ ۾ 11 هزار ڪلو ميٽر ٽريڪ ڇڏي هليا ويا ۽ اسان 70 سالن ۾ رڳو 600 ڪلو ميٽر ٽريڪ بڻايو آهي جنهن سبب حڪومتن جي ترجيحن کي ڳوليو ويندو آهي. وزير اعظم جو چوڻ هو ته اُهي قومون ترقي ناهن ڪنديون جتي ننڍڙو طبقو امير هجي ۽ باقي ماڻهو غربت ۾ رهن، مديني جي رياست ۾ مديني واري سرڪار صه عام ماڻهو کي اٿاريو ته دنيا جي امامت ڪرڻ لاءِ قوم بڻجي وئي. عمران خان چيو ته چين 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍي سپر پاور بڻجي رهيو آهي ۽ چين ۾ اسپيڊ سان ريل تي ڪم جاري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے