21 بدھ , نومبر 2018

ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو ترجيحي بنيادن تي حل ڪنداسين: وڏو وزير

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو ترجيحي بنيادن تي حل ڪنداسين. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ترقياتي منصوبن بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري  سميت ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ڪمشنر ڪراچي ترقياتي ڪمن جي حوالي سان بريفنگ ۾ ٻڌايو ته گرين لائن منصوبو 24 ڪلو ميٽر طويل آهي، اِهو منصوبو 12.7 ڪلو ميٽر ايلويٽڊ، 10.9 ڪلو ميٽر زمين جڏهن ته 442 ميٽر زمين جي اندر آهي، ان منصوبي تي سرجاني کان ميونسپل پارڪ تائين 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، منگهي پير روڊ جي بحالي، نشتر روڊ، شير شاهه روڊ ۽ روڊن جو 15 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي شهر ۾ پاڻي جي طلب 918 ايم جي ڊي آهي، ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو ترجيحي بنيادن تي حل ڪنداسين، پاڻي جون 5 اسڪيمون آهن جنهن ۾ ري سائيڪلنگ پروجيڪٽ، ڪي 4 پروجيڪٽ، بلڪ اسڪيم ۽ ٻيا شامل آهن. انهن اسڪيمن مان 830 ايم جي ڊي پاڻي ملي سگهي ٿو، اسان جي ڪوشش آهي ته سموريون اسڪيمون جلد مڪمل ٿين جيئن پاڻي جو مسئلو حل ٿي سگهي. مراد علي شاهه چيو ته اسان کي ڪراچي ۾ رڳو پاڻي ناهي پهچائڻو پر نيڪالي جو مسئلو به حل ڪرڻو آهي، ايس ٿري ۽ ڪمبائنڊ ٽريٽمنٽ پلانٽ مان شهر ۾نيڪالي جو نظام بهترين ٿي ويندو. ڊي سيلينيشن پلانٽ لڳائڻ وارو ڪم به جلد مڪمل ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آشيانه اقبال اسڪينڊل: نيب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير خلاف ريفرنس تيار ڪري ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ ) نيب آشيانا اقبال اسڪينڊل ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے