14 بدھ , نومبر 2018

خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير جو پنهنجن ٻارن کي سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ جو اعلان

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان صوبي ۾ ٻارن جي اسڪولن ۾ داخلي لاءِ مهم شروع ڪري ڇڏي. سندس چوڻ آهي ته منهنجا پنهنجا ٻار به جلد سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ٿيندا. تفصيل موجب خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان طرفان شروع ڪيل مهم دوران 8 لک ٻارن کي اسڪولن ۾ داخلي جو هدف رکيو ويو آهي. وڏي وزير جي صلاحڪار ضيا  بنگش جو چوڻ آهي ته تعليم بابت وزير اعظم عمران خان جي  ويزن تي ڪم جاري رکنداسين. تعليم جي شعبي ۾ گذريل دورن ۾ خيبر پختونخواهه ٻين صوبن کان اڳتي رهيو. هن چيو ته استادن جي مسئلن جي حل لاءِ به ڪم ڪنداسين. ڪوشش آهي ته مهم دوران وڌ کان وڌ ٻار داخل ٿين. ان حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمدو خان چيو ته 5 سالن جي محنت آهي جو عوام ٻيهر چونڊيو آهي. هاڻ ذميواري وڌيڪ آهي ۽ عوام جي اميدن تي پورو لهنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے