21 بدھ , نومبر 2018

ڀٽائي جي پارکو لطف پيرزادي کي ڀيٽا | پروگرام: تخليق

ڀٽائي جي پارکو لطف پيرزادي کي ڀيٽا | پروگرام: تخليق، ميزبان: زرار پيرزادو | مهمان: يوسف سيف، رکيل مورائي، ٽيلي فون لائن تي: اقرار پيرزادو

لطف پاڻ کي ڀٽائي ۾فنا ڪري امر بڻايو: رکيل مورائي

درست تلفظ ۾ڀٽائي جا بيت پڙهندو هو، ڀٽائي جي بيتن جو جڙيل هو

ڳوٺ ٻلهڙيجي لاءِ لطف جو وڇوڙو قيامت آهي: اقرار پيرزادو

سخي شاهه جمال جي مڪان واري آشرم جو آخري ڪردار هو

لطف ، فقيريار محمد جو تسلسل هو، يوسف سيف جو تخليق ۾ اظهار

ڪراچي (رپورٽر) ڀٽائي جي پارکو ۽ ليکڪ لطف پيرزادي کي ڀيٽا پيش ڪندي نامياري اديب رکيل مورائي چيو آهي ته  لطف، ڀٽائي ۾ فنا ٿي پاڻ کي امر بڻائي ڇڏيو آهي، هو ڄڻ  مٽيءَ  مان نه پر شاهه جي بيتن مان جڙيل هو، اهڙو اظهار هن لطف  پيرزادي جي لاڏاڻي تي عوامي آواز ٽي وي  جي ادبي پروگرام تخليق ۾ ميزبان زرار پيرزادي سان ڳالهائيندي ڪيو. رکيل مورائي چيو ته لطف، ڀٽائي جا بيت اهڙي تلفظ سان پڙهندو هو جو ان جي وضاحت جي ضرورت ئي نه پوندي هئي. لطف ته شاهه ڪريم بلڙي جا بيت درست تلفظ سان پڙهندو هو، سو  جيڪو ماڻهو شاهه ڪريم بلڙي جا بيت درست تلفظ سان پڙهندو سو ڀٽائي کي وڌيڪ سولائي سان پڙهي سگهي ٿو. هن چيو ته لطف  جي ڇپيل اڻ ڇپيل تحريرن کي سهيڙي ڪتابي شڪل  ۾ آڻڻ گهرجي، نامياري ليکڪ ۽ ڀٽائي جي پارکو  اقرار پيرزادي فون تي ڳالهائيندي چيو ته لطف  جي لاڏاڻي سان ٻلهڙيجي ۾گڻن جي کوٽ واري قيامت اچي وئي آهي، هن چيو ته لطف رڳو  ڀٽائي جا بيت ئي نه پڙهندو هو پر ان جي لفظ لفظ ۽ سڄي فلسفي تي عمل ڪرڻ وارو ماڻهو هو جنهن جو خال هاڻي ڪير به ڀري نٿو سگهي. مان ذاتي طور تي ڀائو لطف  کانپوءِ حقيقي معنيٰ ۾ اڪيلو ٿي ويو آهيان. هن چيو ته ويهه سال اڳ تائين سخي شاهه جمال جي مڪان جي حيثيت آشرم واري هئي جنهن جو آخري ڪردار لطف هو. سينيئر صحافي ۽  ليکڪ يوسف سيف چيو ته لطف شاهه فقير يارمحمد جو تسلسل هو. هڪ سوال جي جواب ۾ يوسف سيف چيو ته لطف جيئن ته نظرياتي ۽ فڪري طور چٽو هو تنهن ڪري هو عملي ماڻهو به هو ته بهادر به هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: شادي پلي: ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر پاران کلي ڪچهري ڪوٺائي وئي

شادي پلي  ۾ ايم اين اي نواب يوسف ٽالپور پاران تڪ جي عوام جا مسئلا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے