18 اتوار , نومبر 2018

نيوز | ڪوٽڙي: بلاول ميڊيڪل اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ مريض پريشان

ڪوٽڙي بلاول ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ پيدا ٿي وئي جنهن  سبب مريض  سخت پريشان ٿي رهيا آهن.

پنج ورھين جي معصوم نينگري زبيره احمد کي بخار ھجڻ سبب وارثن نينگري کي بلاول ميڊيڪل ڪاليج اسپتال آندو، جتي بخار جي انجيڪشن  نه ھئڻ سبب اسپتال انتظاميه نينگري کي حيدرآباد سول اسپتال  کڻائي  وئي.

اسپتال  ۾ ڪا به ايمبولنس موجود نه ھئڻ ڪري  وارث نينگري کي موٽر سائيڪل تي سول اسپتال حيدرآباد کڻائي ويا

ان موقعي تي ميڊيا آڏو نينگري جي وارثن دانھيدي چيو ته اسپتال اندر بخار جي انجيڪشن تائين موجود نه آھي نه وري ڪا ايمبولنس موجود آھي.

وارثن اسپتال جي انتظاميه تي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي صحت کاتي جي وزير کي اپيل ڪئي آھي ته ڪرپٽ ڊي ايڇ او ڄامشورو  ۽ايم  ايس بلاول ميڊيڪل ڪاليج سميت ڪرپٽ عملي کي فوري طور نيڪالي ڏني وڃي .

ھوڏانھن اسپتال بابت ڊي سي ڄامشورو فريدالدين مصطفيٰ سان رابطي جي ڪوشش ڪئي ته ڊي سي ڄامشورو ڪال اٽينڊ ڪرڻ جي تڪليف نه ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: اپٿورو: مختلف شعبن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا

پٿوري ۾ سڄاڻ ڌرين پاران تقريب ڪوٺائي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن کي مڃتا ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے