21 بدھ , نومبر 2018

نيوز |خيرپور: منگهنواري جي رهواسي پاران گهر تي قبضو ڪندڙن خلاف احتجاج

خيرپور  ۾ منگهنواري جي رهواسي نينگر بشير احمد دانهيو آهي ته چاچا ۽ پفي سندس گهر تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

بشير احمد پنهنجي ڏاڏي جي ڀاءُ پهلوان ميتلو سان گڏ پريس ڪلب خيرپور پهچي دانهيندي ٻڌايو ته هو منگهنواري جو رهواسي آهي، سندس پيدائش کان اڳ ئي سندس والد غلام حسين ميتلو فوت ٿي ويو هو. جنهن بعد سندس ڏاڏي الهڏتو ميتلو جنهن گهر ۾ رهائش پذير هئا.

هن چيو ته  ڏاڏي جي وفات بعد سندس چاچو جمال الدين ميتلو، ان جا پٽ صدام، نظام ميتلو، سندس پڦي ضميران زال نواب ڌانڌو، پڦي ضميران ميتلو ۽ انجو پٽ نواز گهر تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ کيس گهر ڇڏڻ لاءِ مسلسل تنگ ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته احمدپور پوليس کي مدد ۽ تحفظ لاءِ ڪيترائي ڀيرا دانهن ڏني آهي پر پوليس به انهن جي چوڻ تي سندس ڪا به مدد نه ڪئي پئي وڃي .

هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته کيس تحفظ فراهم ڪرڻ سان گڏ سندس گهر تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڇاڇرو: عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي

*ڇاڇري ۾ به سنڌ جي ٻين شهرين جيان جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے