21 بدھ , نومبر 2018

کپرو: محرم الحرام جي سلسلي ۾ ايس ايس پي سانگهڙ پاران شهر جو دورو

کپري  ۾ محرم الحرام جي سلسلي ۾ ايس ايس پي سانگهڙ ذيشان صديقي شهر جو دورو ڪري  مختلد تنظيمن جي اڳواڻن  سان ملاقاتون ڪري امن امان بحال رکڻ جي اپيل ڪئي آهي .

ايس،پي سانگهڙ ذيشان صديقي ڊي،ايس،پي کپرو نظر محمد کوسي، ايس،ايڇ،او محمد شريف جمالي سان گڏ محرم الحرام جي سلسلي ۾ جامع مسجد سميت جلوسن جي گذرگاهن جو دورو ڪري  مذهبي،  سماجي ۽ سياسي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري امن امان قائم رکڻ جي اپيل ڪئي.

ان موقعي تي ايس،پي سانگهڙ ذيشان صديقي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تـ  سندن پهرين ذميواري امن امان قائم رکڻ آهي،  ان لاءِ شهرين جي سهڪار  جي ضرورت آهي.

هن چيو تـ محرم الحرام ۾  پوليس سان گڏ رينجرس بـ گشت ڪندي،  ڪنهن کي بـ شهر ۾ امن امان بگاڙڻ جي اجازت نـ ڏني ويندي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڇاڇرو: عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي

*ڇاڇري ۾ به سنڌ جي ٻين شهرين جيان جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے