21 بدھ , نومبر 2018

نيوز | سيتاروڊ: نينگر سان بدفعلي جي ڪوشش،وارٽن جي شڪايت تي هڪ جوابدار گرفتار

سيتاروڊ ويجهو جوابدارن  پاران معصوم نينگر سان مبينا طور تي بدفعلي جي ڪوشش ڪئي وئي ، جڏهن ته پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس پوسٽ سنڌي ٻٽڙا جي حد ڳوٺ بالي شاھ ۾ معصوم ٻالڪ فرحان پٽ عاشق سولنگي ٻن جوابدارن سليم ڪلهوڙو ۽ بابر علي ڪلهوڙو پاران درگاھ پير زاور وٽان گهر واپس ويندي ورغلائي  زيادتي جو نشانو بڻايو.

نينگر جي دانهن تي ٻئي جوابدار فرار ٿي ويا ، جڏهن ته اطلاع ملڻ تي وارثن پاران سنڌي ٻٽڙا پوليس پوسٽ تي جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪرائي ورتي.

پنجو پوليس اسٽيشن جي پوليس مک جوابدار بابر ڪلهوڙو کي گرفتار ڪري ورتو .

هوڏانهن نينگر جي والد عاشق علي سولنگي عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته هنن سان  وڏو ناحق ٿيو آھي

ايس ايڇ او  ارشاد منگي کي موقف ڏيندي ٻڌايو ته  مک جوابدار کي پنهنجي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آھي، جنهن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي.

هن چيو ته سول اسپتال ميھڙ مان آيل ميڊيڪل رپورٽ ۾ اڃان اهڙي ڳالھه سامهون ناهي آئي جنهن لاءِ نينگر جا جزا چڪاس لاءِ ڪراچي موڪليا ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڇاڇرو: عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي

*ڇاڇري ۾ به سنڌ جي ٻين شهرين جيان جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے