16 منگل , اکتوبر 2018

فيسبڪ جعلي خبرن وارين ويڊيوز ۽ تصويرن جي جاچ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Facebook announced fake newsletters to watch videos and imagesڪيلفورنيا( ويب ڊيسڪ ) فيسبڪ پنهنجي هڪ بلاگ ۾ اعلان ڪيو آهي ته هو جعلي خبرن سان لاڳاپيل تصويرن ۽ ويڊيوز جي جديد ترين ٽيڪنالوجي ذريعي چاچ ڪندو ته جيئن سوشل ميڊيا کي هٿ ٺوڪين خبرن جو پيلٽ فارم بڻجڻ کان بچائي سگهجي. گذريل ڏينهن جاري ڪيل بلاگ ۾ چيو ويو آهي ته پهرين مرحلي ۾ 17 ملڪن کان ايندڙ خبر ۽ مضمونن سان لاڳاپيل ويڊيوز ۽ تصويرن جا هٿرادو ذهانت(آرٽيفيشل انيٽليجنس يا اي آءِ)  ذريعي جائزو ورتو ويندو. ان موقعي ته فيسبڪ جي پروڊڪٽ مينيجر اينٽونيا ووڊفورڊ چيو آهي ته هن مشين لرننگ ماڊل ٺاهيو آهي جيڪو تصديق ڪرڻ وارن کي جعلي تصوريرن ۽ ويڊيوز جي نشاندهي ۾ مدد ڪندو جنهن لاءِ 17 ملڪن ۾ موجود 27 ڀائيوار ادارا پڻ پنهنجو ڪم ڪندا. ووڊ فورڊ ٻڌايو ته فيسبڪ ۽ ان سان لاڳاپيل ڪيترائي ادارا تصوير جي ميٽا ڊيٽا، ريورس اميج سرچنگ، ويڊيو ۽ تصوير وٺڻ واري وقت ۽ ٻين طريقن سان ان جي جعلي يا تصديق ۾ مدد ڏيندا. فيسبڪ ۽ ٽوئيٽر ئي جعلي تصويرن، خبرن ۽ ويڊيو جي پهرين خارج ڪندڙ جاين کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ڇاڪاڻ ته جعلي تصويرن عام راءِ کي تبديل ڪنديون آهن ايسيتائين جو چونڊن تي پڻ اثر انداز ٿينديون آهن. ان سلسلي ۾ خاص طور سياسي ڌريون ڪيترائي ڀيرا فيسبڪ سان رابطو ڪري چڪيون آهن ۽ فيسبڪ ۽ ٽوئيٽر جا ٻه اعليٰ اهلڪار ڪيپٽل بِل جو دورو پڻ ڪري چڪا آهن. فيسبڪ باني ۽ سربراهه مارڪ زڪربرگ پڻ پنهنجي بيان ۾ اعتراف ڪيو آهي ته 2016 جي آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ روسي مداخلت بعد هاڻ سندس ڪمپني ٽينڪالوجي ۽ ماهرن جي مدد سان ان مسئلي تي ظابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيسبڪ تي وڌيڪ هڪ سائيبر حملو، 3 ڪروڙ واهپيدارن جي معلومات چوري

نيويارڪ  (ويب ڊيسڪ) فيسبڪ چيو آهي ته مٿس هڪ وڏيو سائيبر حملو ٿيو آهي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے