24 بدھ , اکتوبر 2018

آنڊن جا جيوڙا بجلي به ٺاهيندا آهن!

Generates biodiesel of tones too!ڪيليفورينا( ويب ڊيسڪ ) سائنسدانن انڪشاف ڪيو آهي ته آنڊن ۽ هاضمي جي نظام مان ملندڙ ڪيترائي جيوڙا،ٻين قسمن جي جيوڙن کان وڌيڪ بجلي پيدا ڪندا آهن ۽ ان خاصيت مان فائدو حاصل ڪري اهم ڪم انجام ڏئي سگهجن ٿا. ان کان اڳ به ڪيترا ئي بيڪٽريا( جيوڙا) دريافت ٿي چڪا آهن جنهن کي”اليڪٽروجينڪ“ يا بجلي ٺاهيندڙ“ چئي سگهجي ٿو. يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا ، برڪلي جي پروفيسر ڊين پروٽنوئي ۽ سندس ساٿين ان تحقيق کي مشهور سائنسي رسالي ”نيچر“ ۾ شائع ڪرايو آهي. سندن موجب اسان جي هاضمي واري نظام ۾ لاتعداد قسمن جا جيوڙا هوندا آهن جيڪي فائيديمند به هوندا آهن ۽ نقصانڪار به. ان فهرست ۾ اهڙا ٻه جيوڙا شامل آهن جيڪي مختلف طريقن سان هلڪي مقدار ۾ بجلي خارج ڪندا آهن.

هڪ اهم دريافت

پروفيسر ڊين موجب ان فهرست ۾ لسٽيريا ۽ ڪلاسٽريڊيئم جهڙا جيوڙا شامل آهن جيڪي رڳن جي بيماري گنگرين سبب پيدا ٿيندا آهن. پوءِ انهن ۾ پروبايوٽڪس سان لاڳاپيل فائيديمند جيوڙن جي به هڪ ڊگهي فهرست شامل آهي. ان دريافت سان سندن ڪاڪردگي، بيمارين يا ڪنهن فائدي جي باري ۾ ڄاڻڻ ۾ پڻ مدد ملندي. ٻئي پاسي ماهرن جو خيال آهي ته ان دريافت سان جسم جي اندر لڳل پيوند” گرافٽ“ کي بجلي جي فراهمي يا جيوڙن تي ٻڌل بيٽري ٺاهڻ ۾ پڻ مدد ملي سگهي جنهن سان ننڍا سينسر ۽ اوزارن کي هلائڻ ممڪن ٿي سگهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Due to the change of climate, the citizens started to suffer from acute diseases

موسم جي تبديليءَ سان شهري چمڙي جي بيمارين ۾ وڪوڙجڻ لڳا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ موسم جي تبديلي جي دوران چمڙي جي بيماري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے