18 جمعرات , اکتوبر 2018

بيگم جيڪو چئي اهو ئي درست! شعيب ملڪ جو نئون لُڪ ثانيا مرزا جي نالي

Begum who said that right! Shuib Malik's new line of Scania called Mirzaدبئي ( اسپورٽس نيوز ) دبئي ۾ شيڊول ايشيا ڪرڪيٽ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جي ڪيترن ئي رانديگرن منفرد اسٽائيل اختيار ڪيو آهي. جن ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي سينيئر آل رائونڊر شعيب ملڪ به شامل آهي، جنهن پنهنجي ان نئين ”لُڪ“ کي پنهنجي گهرواري ثانيه مرزا جي نالي ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي گهر ايندڙ ننڍڙي مهمان جي آمد کي پڻ سرپرائيز ڏنو. شعيب ملڪ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي نئين اسٽائيل کي دلچسپ انداز ۾ هڪ ويڊيو جي صورت ۾ شيئر ڪيو ۽ ان گڏ لکيو ته ”بيگم جيڪو چئي اهو ئي درست آهي!“ ويڊيو ۾ پنهنجي ان اسٽائيل کي هن ثانيا مرزا جي نالي ڪيو ۽ ساڻس پيار جو اظهار پڻ ڪيو جنهن کي ان ايندڙ ننڍڙي مهمان کي پڻ سرپرائيز قرار ڏنو. شعيب ملڪ جي ڪيپشن کي ڏسي ڪري اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته امڪاني طور تي ان پٺيان سندس گهرواري ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا جو هٿ آهي. ثانيا مرزا پڻ اها ويڊيو ري ٽوئيٽ ڪئي ۽ لکيو ته ” نئين لُڪ تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي“ اسان پڻ توهان جي واپسي جو بي صبري سان انتظار ڪري رهيا آهيون. واضح رهي ته شعيب ملڪ جي گهرواري ثانيا مرزا اميد سان آهي، جنهن جو اعلان ٻنهي سوشل ميڊيا تي انتهائي دلچسپ انداز ۾ ڪيو هو. شعيب ملڪ ڪو ايندڙ ننڍڙي مهمان جي حوالي سان اهو پڻ چوڻ آهي ته سندس ٻار جي شهريت پاڪستان يا ڀارت جي نه پر ڪنهن ٽئين ملڪ جي هوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Australia begin day two with eight-wickets in hands against Pakistan

ابوظهبي ٽيسٽ: آسٽريلوي ٽيم 145 رنسن تي ڍير، پاڪستان کي 137 رنسن جي سرسري حاصل

ابوظهبي(اسپورٽس نيوز ) ابوظهبي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن محمد عباس جي شاندار بالنگ اڳيان ڪينگروز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے