15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز | نواب شاھ : قائد عوام يونيورسٽي ۽ لاڙڪاڻو ڪاليج جي مختلف ڊپارٽمنٽن ۾انٽري ٽيسٽ

نواب شاھ  ۾  قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نواب شاھ ۽ لاڙڪاڻو ڪاليج جي مختلف ڊپارٽمنٽن ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا سمون ۽ چيئرمين ايڊميشن پروفيسر ڊاڪٽر عبدالفتاح چانڊيو  جي نگراني ۾ ورتي پئي وڃي

انٽري ٽيسٽ دوران وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا سمون ٻڌايو ته ذڪر ڪيل ڊپارٽمينٽن جي ٽوٽل  998   سيٽن لاءِ   6257 فارم وڪرو ٿيا ، جن مان  6211   فارم جمع ٿيا .

هن ٻڌايو ته جمع ٿيل فارمن مان مختلف سببن جي ڪري  39  فارم رد ٿيا جڏھن ته 6172  فارم بحال ڪيا ويا .

وي سي   ٻڌايو ته انٽري ٽيسٽ ۾ ٽوٽل  126 بلاڪ ٺاھيا ويا آھن ، جن ۾ 650 ملازم ڊيوٽي سرانجام ڏئي رھيا آھن.

سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آھي جنھن لاءِ 450 پوليس ۽ رينجرز اھلڪار ۽ يونيورسٽي جا پنھنجا سيڪيورٽي ملازم مقرر ڪيا ويا آھن.

ھنن چيو ته سال 2010 کان قائد عوام يونيورسٽي پاڻ انٽري ٽيسٽ وٺي رھي آھي جنهن جا اڄ شام جو نتيجا ظاھر ڪياويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم | پروگرام : ڳالهه ٻولهه

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم| ڳالهه ٻولهه | …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے