15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز | ايس ٽي پي پاران ڊيم جي اڏاوت خلاف 25 ۽ 26 سيپٽمبر تي هڙتال جو اعلان

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي چيف آرگنائيزر ڄام فتاح سميجو چيو آهي ته چيف جسٽس  ڪالا باغ ڊيم جي حمايت ۾ بيان ڏئي سنڌ جي ماڻهن کي بک ڏانهن ڌڪڻ جو اشارو ڏنو آھي.

ڏهرڪي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي چيف آرگنائيزر ڄام فتاح سميجو چيو ته سنڌو درياءُ جيڪو اڳ ۾ ئي پ پ حڪومت جي سورن جو ستايل آھي، چيف جسٽس جي اهڙي بيان ويتر ئي سنڌو جي سينڌ تي وار ڪيو آھي

هن چيو ته سنڌ جا غيرت مند پٽ مري ناهن ويا جيڪي پنهنجي سنڌو جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻين ٿا.

هن چيو ته ڪالا باغ ڊيم واري رينگٽ سالن کان هلندو پيو اچي، ڪالا باغ ڊيم جي حمايت ڪرڻ کي  هو سنڌ مٿان وار سمجهن ٿا.

هن چيو ته  سنڌ جا ڪروڙين غيرت مند پٽ پنهنجي سنڌو جي سينڌ جي حفاظت ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ اچن.

ڄام فتاح  اعلان ڪيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان 25 ۽ 26 سيپٽمبر تي سڄي سنڌ جي ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ بک هڙتال ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم | پروگرام : ڳالهه ٻولهه

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم| ڳالهه ٻولهه | …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے