20 ہفتہ , اکتوبر 2018

واٽس ايپ”ڊارڪ موڊ“ جي تياري شروع ڪري ڇڏي

Wats app started the "Dark Mode" tournamentڪيليفورنيا ( ويب ڊيسڪ ) پيغامن جي ڏي وٺ واري مشهور ترين ويب سائيٽ ”واٽس ايپ“ واهپيدارن جي سهولت لاءِ ”ڊارڪ موڊ“ فيچر جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. اهي واهپيدار جن کي گهٽ روشني سبب چيٽنگ ۾ تڪليف پيش ايندي آهي يا وري واٽس ايپ جي موجودا ٿيم سبب اکين ۾ جلن محسوس ٿيندي آهي انهن لاءِ  ڪمپني اها مشڪل بنهه آسان بڻائڻ جو پڪو پهه ڪري ورتو آهي. واٽس ايپ بيٽا انفو پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته واٽس ايپ آخرڪار”ڊارڪ موڊ“ تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو فيچر اينڊرائيڊ ۽ آءِ فونن لاءِ دستياب هوندو جنهن تحت واهپيدار پنهنجي مرضي سان ”بليڪ ٿيم“ جي چونڊ ڪري سگهن ٿا.  ان فيچر جا ڪيئي فائدا آهن جهڙوڪ رات جي وقت يا گهٽ روشني ۾ اهو فيچر نه رڳو اکين ۾ پيدا ٿيندڙ تڪليف کي گهٽ ڪندو پر ان ٿيم ذريعي بيٽري پڻ گهٽ استعمال ٿيندي. في الحال ”ڊراڪ موڊ“ فيچر جي دستيابي لاءِ حتمي تاريخ جو اعلان ناهي ڪيو ويو جڏهن ته امڪان آهي ته تمام جلد ان کي اپ ڊيٽ ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

'Our industry has lost a pioneer': Tech titans are devastated by the death of Microsoft cofounder Paul Allen

مائيڪرو سافٽ جو شريڪ باني ”پال ايلن“ لاڏاڻو ڪري ويو

 نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) مائيڪرو سافٽ جو شريڪ باني پال ايلن ڳلي جي ڪينسر سان جهيڙيندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے