20 ہفتہ , اکتوبر 2018

پاڪ – افغان لاڳاپا ۽ علائقي جو امن

افغانستان ۾ روس جي آمد بعد ۽ وري روس جي نيڪاليءَ بعد جيڪا جنگ شروع ٿي هئي اها جنگ بعد ۾ ڪيئي روپ ۽ نالا وٺي جاري رهندي پئي آئي جيڪا ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اڄ تائين جاري آهي، انهيءَ جنگ جي نتيجي ۾ پاڪستان کي جيڪو نقصان برداشت ڪرڻو پيو اهي تمام ڳرو آهي، ان  جنگ جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ ڪلاشنڪوف جو ڪلچر عام ٿيو جنهن جي ڪري لکين ماڻهو ڪلاشنڪوف کي پنهنجي ذاتي جهيڙن ۽ قبيلائي تڪرارن ۾ استعمال ڪرڻ لڳا، پاڪستان ۾ هيروئن عام ٿي جنهن ڪري لکين گهراڻا تباهه ۽ برباد ٿيا، انهيءَ جنگ جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ دهشت گردي عام ٿي جنهن کان اڳ ماڻهو متعارف نه هيا، انهيءَ جنگ جي نتيجي ۾ ڪي ستر هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا جن جو ڪو به ڏوهه نه هيو ۽ اها جنگ ڪنهن نه ڪنهن نموني اڄ تائين جاري آهي.

تحريڪ انصاف جي حڪومت اقتدار ۾ اچڻ بعد ۽ اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ جيڪا پنهنجي چونڊ مهم هلائي هُئي ان ۾ دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پڻ اهم ايجنڊا مقرر ڪيل هُئي، جنهن تي تحريڪ انصاف جي جلسن ۾ وڏي واڪي تقريرون ٿينديون هيون، تحريڪ انصاف جو اڳواڻ عمران خان اصولي طور تي علائقي ۾ جنگ جي خلاف آهي ۽ هميشه سندس موقف امن جو قيام رهيو آهي. 6- سيپٽمبر تي جي ايڇ ڪيو ۾ عمران خان جيڪا وزير اعظم جي طور تي تقرير ڪئي هُئي ان ۾ هُن واضع طور تي اهڙيون ڳالهيون ڪيون هيون جن جو دٻيل لفظن ۾ ماڻهو گذريل ٽيهن سالن کان اظهار ڪندا هيا، پر عمران خان اهڙن جذبن جو نه فقط کلئي عام اظهار ڪيو پر انهن تي عمل ڪرڻ جي هڪ خواهش جو اظهار به ڪيو، انهيءَ تقريب ۾ وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته افغان جنگ اسان جي نه هُئي پر اسان کي ان ۾ گهليو ويو ۽ هاڻي آئينده پاڪستان ڪنهن به پرائي جنگ جو نه ته حصو ٿيندو ۽ نه ئي ان جنگ ۾ شامل ٿيندو. هُن اها ڳالهه به واضح طور تي چئي هُئي ته  پاڪستان علائقي جي ڪنهن به ملڪ سان جنگ نه ٿو چاهي ۽ پاڪستان جي اها خواهش آهي ته جن به ملڪن سان پاڪستان جي ڇڪتاڻ آهي ته اها ڳالهين ذريعي حل ڪئي ويندي، جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي اسين جنگ نه پر امن چاهيون ٿا ۽ امن جي ذريعي علائقي جي ترقي ۽ پنهنجي ملڪ جي خوشحالي چاهيون ٿا.

علائقي ۾ امن جي قيام متعلق ۽ خاص ڪري پاڪ- افغان لاڳا پهتر بڻائڻ لاءِ تحريڪ انصاف جي حڪومت جي هڪ پنهنجي ايجنڊا آهي جنهن تي تحريڪ انصاف جي حڪومت عمل پيرا آهي، تحريڪ انصاف جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريسي پڻ پنهنجي ڪيئي پريس ڪانفرنس ۾ پاڪ- افعان لاڳا بهتر ڪرڻ لاءِ زور ڏئي چڪو آهي ۽ هُن ان سلسلي ۾ اهو به چيو هو ته سندس جو پهريون پرڏيهي دورو افغانستان جو هوندو.

ان ئي سلسلي ۾ شاهه محمود قريشي افغانستان جي دوري تي پهتل آهي، هُن افغانستان پهچي افغان قيادت سان ڳاليهون ڪيون آهن، ٻنهي ملڪن جي قيادتن پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ امن ۽ مفاهمتي عمل وڌائڻ لاءِ  تي اتفاق ڪيو آهي، انهيءَ موقعي تي شاهه محمود قريشي چيو ته ٻنهي ملڪن کي هڪ جهڙا خطرا آهن. افغانستان چيو آهي ته امن پاڪستان لاءِ افغانستان جهڙو اهم آهي.پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افغان صدر اشرف غنيءَ سان ملاقات ڪئي آهي جڏهن ته وفدن جي سطح تي پڻ ڳالهيون ٿيون آهن.

تحريڪ انصاف جي حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ شاهه محمود قريشي پرڏيهي وزير طور پهريون پرڏيهي دورو افغانستان جو ڪيو آهي پرڏيهي وزير پنهنجي دوري دوران افغانستان جي اعليٰ ترين قيادت سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي، سندس جي افغانستان پهچڻ تي سندس هم منصب صلاح الدين رباني آجيان ڪئي ان موقعي تي افغان پرڏيهي وزارت جون اعليٰ اختياريون پڻ موجود رهيون. افغان صدارتي محل آمد تي شاهه محمود قريشي جي سندس هم منصب ۽ افغان صدر اشرف غني سان  ون ٽو ون ملاقات پڻ ٿي جيڪا  50 منٽن تائين جاي رهي. ملاقات دوران ٻه طرفن لاڳاپن ۽ افغانستان ۾ امن بابت ڳالهيون ڪيون ويون. پاڪستان ۽ افغانستان ۾ وفدن جي سطح تي به ڳالهيون ٿيون. وفدن جي سطح تي ڳالهين ۾ ٻه طرفي واپار، افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار، بارڊر مئنيجمينٽ، جلال آباد ۾ پاڪستاني قونصل خاني جي بندش سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو جي پاڪستان جي دوري بابت به ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين پاران رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

تحريڪ انصاف جي حڪومت پاران پاڪ- افغان لاڳاپن کي اهميت ڏيڻ ۽ مستقل امن قائم ڪرڻ لاءِ جيڪي به ڪوششون ٿي رهيون آهن اهي ساراهه جوڳيون آهن، اسان جو اهو خيال آهي ته افغانستان جي جنگ جيترا نقصان افغان عوام کي ڏنا آهن ايترائي نقصان پاڪستان جي عوام کي به ڏنا آهن جو ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جا ويجها پاڙيسري ملڪ آهن، جن جو لنگهه به هڪ آهي ته جهڙوڪر در به هڪ آهي، اسين سمجهون ٿا ته جيستائين افغانستان ۾ مڪمل جنگ بندي نه ٿيندي تيستائين پاڪستان ۾ دهشتگردي بند نه ٿيندي ۽ پاڪستان ۾ امن جو قيام جهڙوڪر خواب ئي رهندو.

اسان اميد ٿا ڪريون ته تحريڪ انصاف جي سرڪار جي  ڪوششن سان پاڪ- افغان لاڳا بهتريءَ طرف وڌندا ۽ پاڪستان جي ڪوششن ڪري افغانستان ۾ پڻ جنگ بند ٿي ويندي ۽ امن جو مڪمل نموني قيام عمل ۾ اچي ويندو. اسان جو اهو پختو خيال آهي ته امن کان سواءِ ترقي ممڪن ناهي ۽ هاڻي جنگ نه پر امن ۽ ترقيءَ جو دور آهي.

سومر 17 سيپٽمبر  2018ع، 6 محرم الحرام 1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ يونيورسٽيءَ جي وقار ۽ وڏائيءَ جو سوال…

هاڻي ان ڳالهه کي تسليم ڪرڻ ۾ ڪي به ٻه رايا نه رهيا آهن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے