16 اتوار , دسمبر 2018

نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون – گوانٽا ناموبي قيد خاني کي بند ڪرڻ وارو اعلان – زرار پيرزادو

  • Zarar Pirzadoاڄ ڪلهه پرڏيهي توڙي ڏيهي ميڊيا تي گوانٽا ناموبي قيد خاني جي بند ٿيڻ واري اعلان جو چرچو آهي.
  • آمريڪا جو موجوده ۽ تاريخ جي يادگار صدر براڪ اوبامه جنهن 2009ع ۾ صدارتي عهدو سنڀاليندي گوانٽا ناموبي قيد خانو عرف ٽارچر سيل بند ڪرڻ جو جيڪو اعلان ڪيو هو تنهن جي بند ٿيڻ وارو عمل شروع ٿي چڪو آهي.
  • گوانٽا ناموبي وارو اهو جيل صدر بش نائين اليون واري واقعي کانپوءِ 2002ع ۾ ٺاهيو هو ۽ ان ۾ سڄي دنيا خاص ڪري عراق افغانستان جي دهشت گردن کي بند ڪيو ويندو هو.
  • اهو اصل ۾ ٽارچر سيل آهي جنهن ۾ غير قانوني ۽ غير اخلاقي طور تي بنا ڪيس ۽ بنا عدالتي ڪارروائي جي قيد ڪيو ويندو آهي ۽ قيدين تي جسماني ٽارچر ڪيو ويندو آهي.
  • اهو قيد خانو واقعي به بند ٿي سگهندو يا نه؟ ڇاڪاڻ ته آمريڪي ڪانگريس ۾ هاڻي به ميمبرن جي هڪ حلقي جو خيال آهي ته اهو قيد خانو بند نه ٿيڻ گهرجي.
  • پر براڪ اوبامه جو چوڻ آهي ته نائين اليون واري واقعي اهو سبق ڏنو آهي ته دشمنيون ئي نه پالجن ته جيڪر نائين اليون جهڙا واقعا ئي نه ٿين.
  • پر آمريڪي ڪانگريس ۾ جيڪي ميمبر گونٽا ناموبي جيل جي بند ٿيڻ خلاف آهن تن جو خيال آهي ته آمريڪا اڃا خطري کان ٻاهر ناهي نڪتو.
  • جڏهن ته آمريڪا جي ٻي وڏي اقتداري پارٽي ريپبلڪن جنهن بش جي دور ۾ اهو قيد خانو کوليو هو سا ضرور ان کي برقرار رکڻ چاهيندي.
  • اسان ته گوانٽا ناموبي جهڙن سڄي دنيا اندر موجود ٽارچر سيلن جي خاتمي جا حامي آهيون ۽ اسان جو خيال آهي ته ڪنهن به ماڻهوءَ کي بنا ڪنهن ڪيس ۽ ثبوت جي بند ڪرڻ، ٽارچر ڪرڻ جو ڪنهن کي ڪو حق ناهي.
  • اسان ته موت جي قانوني سزا جي به خلاف آهيون. سو قيدين ۽ ڏوهارين جو اهو حق آهي ته عدالتن ۾ مٿن ڏوهه ثابت ڪري کين سزائون ڏنيون وڃن، ڳجهه ڳوهه ۾ غير قانوني ۽ غير اخلاقي طور ڪنهن کي به قيد نه ڪيو وڃي.
  • بهرحال اوبامه جي گونٽا ناموبي قيد خاني جي بند ڪرڻ واري اعلان جي اسان آجيان ڪريون ٿا، پر پاڻ کي حقيقي خوشي تڏهن ٿئي ها جڏهن آمريڪا سڄي دنيا اندر اهڙن ٽارچر سيلن کي بند ڪرائڻ جي مهم هلائي ها.
  • تنهن ڪري هڪ تاثر اهو به آهي ته هڪڙن سياسي ۽ اقتداري مفادن جي ڪري اوبامه گوانٽا ناموبي قيد خاني کي بند ڪيو آهي.
  • هڪڙو خيال اهو به آهي ته آمريڪي صدر جيڪو ڪيوبا جي دوري تي وڃڻو آهي تنهن ڪيوبا جي صدر رائل ڪاسترو سان ملاقات کان اڳ اهو قيد خانو بند ڪيو آهي ته جيئن ڪيوبا کي گوانٽا ناموبي قيد خانو بند ڪرڻ واري مطالبي جي ضرورت ئي نه پوي.
  • واضح رهي ته ڪيوبا جو موقف آهي ته گوانٽا ناموبي قيد خانو جنهن ٻيٽ تي قائم آهي سو ڪيوبا جي سرزمين تي قبضو آهي ۽ اوبامه اهو علائقو خالي ڪرڻ جو ڄڻ کين تاثر ڏيندو.
  • جڏهن ته نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته هڪ تاثر اهو به آهي ته نومبر ۾ ٿيندڙ آمريڪي صدارتي چونڊن کي کٽڻ لاءِ اوبامه پنهنجي پارٽي جي اميدوار کي سياسي فائدو ڏيارڻ لاءِ ويندي ويندي اهو ڪم ڪرايو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تحريڪ انصاف جي حڪومت مفاهمت کانسواءِ نه هلي سگهندي

مسلم ميراڻي وزير اعظم عمران خان  حڪومت ۾ اچڻ‌ کان اڳ ۽  حڪومت ملڻ‌ کانپوءِ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے