21 اتوار , اکتوبر 2018

چنڊ جي سفر تي ويندڙ پهرين خانگي سياح جي نالي جو اعلان

The name of the first Private Tournament on the Moon by Spex X announcedڪيليفورنيا( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي ايرو اسپيس مينوفيڪچر ڪمپني” اسپيس ايڪس“ چنڊ جي سير تي ويندڙ پنهنجي پهرين خانگي سياح جي نالي جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسپيس ايڪس طرفان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي اعلان ڪيو ويو آهي ته جاپاني ارب پتي، فيشن ماهر ۽ آرٽ ڪيوريٽر يوساڪا مائي زاوا اهو خوش نيصيب آهي جيڪو 2023 ۾ چنڊ جي سير تي ويندو. واضح رهي ته اسپيس ايڪس 14 سپٽمبر تي اعلان ڪيو هو ته ڪمپني هڪ پرائيويٽ مسافر سان معاهدو ڪيو آهي، جي بي ايف راڪيٽ ۾ چنڊ جي چوڌاري سفر ڪندو. وڌيڪ چيو ويو ته اهو انهن عام انسانن لاءِ اهم قدم آهي، جيڪي خلاءَ جو سفر ڪرڻ چاهن ٿا، 17 سپٽمبر تي خبر پوندي ته ان سفر تي ڪير  ۽ ڇو وڃي رهيو آهي. هاڻ ڪمپني پنهنجي ان خانگي سياح جو نالي جو به اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اسپيس ايڪس موجب هن وقت تائين رڳو 24 انسان چنڊ تي وڃي سگهيا آهن ۽ 1972 جي اپولومشن کانپوءِ ڪنهن به چنڊ جو سفر ناهي ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے