15 جمعرات , نومبر 2018

گهاٽن، مضبوط ۽ چمڪندڙ وارن لاءِ مهنديءَ جو استعمال ڪيو

Use panoramic for families, strong and shiningڪراچي ( ويب ڊيسڪ) مهندي نه رڳو اڇن وارن کي لڪائڻ لاءِ فائديمند آهي پر اها توهان جي وارن کي مضبوط، چمڪندڙ ۽ گهاٽو بڻائڻ جو ڪم به ڪندي آهي. مهندي پاڪستان ۾ خوبصورتي لاءِ استعمال ٿيندڙ مشهور ترين جڙي ٻوٽين منجهان هڪ آهي ۽ ان ۾ موجود ٿڌ جي تاثير گرمي کان پڻ بچائيندي آهي، جڏهن ته مهندي اڪثر هٿن ۽ پيرن کي سجائڻ ۽ وارن لاءِ ئي استعمال ڪيو ويندو آهي پر وارن لاءِ اها ڪيتري فائديمند آهي ان جا ڪجهه فائدا هيٺ ڏيجن ٿا

صحت مند وار

مهيني ۾ ٻه ڀيرا مهندي لڳائڻ سان وار صحت مند، چمڪندڙ ۽ گهٽا بڻجي ويندا آهن، مهندي توهان جي وارن جي ختم ٿي ويندڙ صحت کي ٻيهر بحال ڪندي آهي ۽ وارن جي نقصانن کي ختم ڪندي آهي. مهندي مٿي ۾ تيزابي اثرن کي توازن ۾ رکندي آهي ۽ ان سان وارن جو قدرتي جوڙجڪ متاثر ناهي ٿيندي.

وارن جي ڪرڻ وارن مسئلن کان بچاءَ

مهندي ۽ مسٽرد آئل کي ملائڻ سان وارن جي ڪرڻ واري مسئلي ۾ گهٽتائي آڻِي سگهجي ٿي، اڍائي ملي ليٽر مسٽرڊ آئل کي اُٻاريو، ان ۾ مهندي جي ڪجهه پتن کي ملائي ۽ وڌيڪ اُٻاريو، ان تيل جي مالش هفتي ۾ ٻه کان ٽه ڀيرا مٿي تي ڪيو. ان جا بهترين فائدا ملندا

وارن جو ڪنڊيشنر

مهندي توهان جي وارن لاءِ بهترين ڪنڊيشنر به آهي، اها وارن تي اهڙا حفاظتي تهه بڻائي ڇڏيندي آهي جيڪي مٽي يا آلودگي وارن نقصانن کان بچائيندا آهن، مهندي جي استعمال کي معمول بڻائڻ سان وار مضبوط ۽ گهٽا ٿيندا آهن ۽  انهن ۾ ضروري گهم موجود رهندي .

اڇن وارن لڪائڻ لاءِ بهترين نسخو

جيڪڏهن توهان پنهنجن وارن کي نقصان پهچائڻ کانسواءِ رنگ ڪرڻ چاهيو ته مهندي ان جو بهترين حل آهي، ان ۾ ڪنهن قسم جا امائنو ايسڊ ناهن هوندا ۽ نه ئي ڪيميڪل جيڪي وارن جي نمي کي ختم ڪرڻ انهن کي بي جان ۽ اڻڀو بڻائي ڇڏيندا آهن. گرم پاڻي ۾ ٻه چمچا خشڪ آملا، هڪ چمچو پتي سان گڏ مهندي کي شامل ڪري ان جو پيسٽ ٺاهي مٿي تي ٻن ڪلاڪن تائين لڳائي ڇڏيو، توهان جا اڇا وار ڪارا چمڪندڙ رنگن ۾ تبديل ٿي ويندا. مهندي وارن کي خشڪ ٿيڻ، نقصان پهچائڻ ۽ ٻين نقصانن کان محفوظ رکندي آهي، جڏهن ته ان جي استعمال سان وار چمڪدار ٿي ويندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽماٽو اسڪن ڪيئر لاءِ به بهترين ميوو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ٽماٽو روز مرهه جي غذا جو اهم جز آهي ۽ کائڻ جي ذائقي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے