17 ہفتہ , نومبر 2018

ماهرا خان طرفان ثانيا مرزا جي  ايندڙ ننڍڙي مهمان لاءِ نيڪ خوهشن جو اظهار

ڪراچي ( شوبز نيوز ) پاڪستان جي ناليواري اداڪارا ماهرا خان ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار ۽ پاڪستان ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جي گهرواري  ثانيا مرزا جي وچ ۾ ٻارن لاءِ  نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو. تازو ئي ماهرا خان پنهنجي پٽ اذلان سان گڏ ماضي جي هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي پٽ کي جهولي ۾ کنيو ويٺي آهي.اداڪارا تصوير شيئر ڪندي لکيو ته کيس اهو وقت ياد اچي رهيو آهي ته جڏهن هوءَ اذلان کي جهولي ۾ کڻندي هئي. ان سان گڏ ئي هن سڀني ٻارن جي سٺي صحت ۽ سندن حفاظت لاءِ دعا ڪندي مداحن کي چيو ته سندس پٽ لاءِ به دعا ڪن.ماهرا خان جي ان تصوير تي ثانيا مرزا تعريف ڪندي تبصرو ڪيو ته ”تمام سٺو“  جواب ۾ ماهرا خان پڻ ثانيا مرزا ۽ سندس ايندڙ ننڍڙي مهمان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. واضح رهي ته ثانيا مرزا هن وقت اميد سان آهي جنهن جو اعلان هن سوشل ميڊيا تي ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Deepika Padukone’s engagement ring is as lavish as her wedding. See pics

رنوير طرفان پنهنجي ڪنوار دپيڪا کي ڏنل پهرين تحفي جا چرچا

ممبئي ( شوبز نيوز ) رنوير سنگهه پنهنجي ڪنوار دپيڪا پڊڪون کي قيمتي منڊيءَ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے