20 ہفتہ , اپریل 2019

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchanممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف هندوستان“ جو هڪ ٻيو ٽيزر جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ بگ بي اميتاڀ بچن کي خدا بخش جي روپ ۾ ڏيکاريو ويو آهي.مسٽرپرفيڪشنسٽ عامر خان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽيزر شيئر ڪيو ۽ مداحن اڳيان اميتاڀ بچن جي پهرين جهلڪ پيش ڪئي.  ان کان اڳ عامر خان آچر ڏينهن فلم جو لوگو شيئر ڪيو هو، جنهن ۾ رڳو فلم جي ٽيزر جي ريليز ٿيڻ جي تاريخ  ۽ ڪاسٽ جا نالا پيش ڪيا ويا هئا. واضح رهي ته يش راج فلمز جي بينر هيٺ ٺهندڙ فلم ٺگز آف هندوستان  عامر خان ۽ امتياب بچن گڏ پهرين فلم آهي. فلم ۾ مرڪزي ڪردار ڪترينا ڪيف نڀائيندي جڏهن مددگار اداڪارا جو ڪردار فاطمه ثناءَ شيخ ادا ڪندي. فلم ٺگز آف هندوستان هلندڙ سال 8 نومبر تي سئنيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪي اداڪار اسد عمر جي جڳهه تي ناڻي واري وزارت جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اداڪار جيريمي ميڪ ليلن اسد عمر طرفان وزارت ڇڏڻ کان پوءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے