23 منگل , اکتوبر 2018

سنڌ حڪومت جي بجيٽ ۽ مالي بحران جون شڪايتون

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مالي سال 19/2018 جي 9 مهينن لاءِ سنڌ حڪومت جي بجيٽ پيش ڪئي آهي، پيش ڪيل مجموعي بجيٽ جو ڪاٿو 852 ارب رپيا آهي. پيش ڪيل بجيٽ ۾ مجموعي طور تي سالياني ترقياتي پروگرام تحت 2 هزار 226 جاري اسڪيمن لاءِ 202 ارب رپيا رکيا ويا آهن ۽ نئين اسڪيمن لاءِ 50 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

بجيٽ تقرير دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وفاق کان گهٽ وصولين جي شڪايت پڻ ڪئي سندس چوڻ هو ته سنڌ کي هميشه وفاق کان وصوليون گهٽ ٿين ٿيون جنهن ڪري صوبي جي خرچن ۽ ترقياتي ڪمن ۾ مشڪلاتون درپيش رهن ٿيون. هُن چيو ته وفاق کان ملندڙ رقم ۾ ڪٽوتين سبب سنڌ مالي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ترقياتي اسڪيمن مان 24 ارب رپيا ڪٽوتي ڪرڻ تي مجبور آهي.

وڏي وزير سنڌ جي مالي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاق کان گهر ڪئي آهي ته  وفاقي شين تي سيلز ٽيڪس جي وصولي جو حق سنڌ سرڪار حوالي ڪيو وڃي،

اجلاس ۾ 9 مهينن جي بجيٽ پيش ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته مالي معاملن جي ڏس ۾ صوبائي حڪومت جو گهڻو  دارومدار وفاقي حڪومت تي هوندو آهي، سنڌ کي وفاق کان رقمون آمدني  سڌين منتلقين ۽ آڪٽراءِ  ضلعي ٽيڪس گرانٽ جي صورت ۾ ملنديون آهن، اهي رقمون گڏيل طور تي وفاقي وصولين، صوبائي ٽيڪس ۽ غير ٽيڪس وصولين جو 75 سيڪڙو ٿين ٿيون.

هُن چيو ته وفاق کان سنڌ حڪومت ڏانهن اصل جيڪي به مالي منتقليون ٿينديون آهن اُهي ڪنهن به مالي سال دوران ڪاٿن جي برابر نه مليون آهن ۽ هميشه دير سان ۽ گهٽ ملن ٿيون، جڏهن ته وفاق کان سنڌ حڪومت ڏانهن ايندڙ رقم متعلق پڻ اڳ واٽ معلومات نه  هجڻ ڪري سنڌ حڪومت کي بجيٽ جي تيارين ۾ مشڪل درپيش رهي ٿي، ڇو؛ ته غير ترقياتي خرچ ۽ ترقي جو شعبو گهڻو ڪري انهن ڪاٿن تي دارومدار رکي ٿو. نتيجي طور صوبائي ترقياتي خرچ کي هيٺ مٿي ڪرڻو پوي ٿو. گذريل مالي سال 18 – 2017 دوران وفاق کان  77.4 ارب رپيا سنڌ کي گهٽ مليا،

مجموعي بجيٽ جو ڪاٿو 852 ارب رپيا آهي، جڏهن ته نين ترقياتي رٿائن لاءِ 50.00 ارب رپين جي رقم مخصوص ڪئي وئي آهي جنهن ۾ وفاق طرفان رقمن  ۾ 24- ارب روپين جي ڪٽوتي ڪئي وئي آهي.

سنڌ حڪومت جي مالي سال 19 – 2018 لا ءِ جيڪا بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي، اها پنهنجي جاءِ تي پر بجيٽ تقرير ۾ سنڌ جي وڏي وزير هميشه وفاق کان گهٽ رقم ملڻ، رقم دير سان ملڻ جون جيڪي شڪايتون ڪيون آهن اهي تمام گهڻي ڳڻتيءَ جوڳيون آهن، ٻيو ته ترقياتي ڪم جي مد ۾ جيڪا 50 ارب روپين جي رقم مخصوص ڪئي وئي آهي، ان مان به مالي مشڪلاتن سبب 24- ارب روپين جون ڪٽوتيون ڪيون ويون آهن.

اها ڳالهه اڄ تائين مونجهاري جو شڪار آهي ته پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ آهي ان جا مالي وسلا ڪيئن جڙن ٿا ۽ وري انهن وسيلن مان صوبن کي حصا پتيون ڪيئن ملن ٿا، اها ڳالهه اسان جي عام ماڻهوءَ کي ته بلڪل به سمجهه ۾ نه ٿي اچي پر جيڪڏهن اسيمبلين ۾ ويٺل ميمبرن کان به پڇجي ته صوبن ۽ وفاق وچ ۾ مالي وسيلا ڪهڙي نموني جمع ٿين ٿا ۽ ڪهڙي نموني صوبن کي حصو ملي ٿو ته اهي به ٻڌائين کان لاچار هوندا.

اسين انهيءَ ڏس ۾ سنڌ حڪومت کي اها صلاح ڏينداسين ته سنڌ مان ڪهڙن مدن ۾ ۽ ڪيتريون آمدنيون وفاق وصول ڪري ٿو ۽ وري سنڌ کي انهن آمدنين مان ڪيترو حصو پتي ملي ٿو، ان متعلق سنڌ جي عوام کي آگاهه ڪرڻ گهرجي، اسين سنڌ حڪومت کان اها به گهر ڪنداسين ته سنڌ حڪومت جا جيڪي به حصا پتيون وفاق ڏانهن رهيل آهن اهي فوري طور اوڳاڙي سنڌ جي ترقياتي اسڪيمن کي مڪمل ڪرائي.

جڏهن ته اها ڳالهه پڻ اهميت واري آهي ته سنڌ حڪومت وفاق کان هميشه دير سان رقم جاري ڪرڻ واري عمل متعلق پڻ شڪايت ڪري ته جيئن سنڌ کي حصي جون رقوم جلد جاري ٿين.

اسان ان سلسلي ۾ وفاقي اختيارين کي اها پڻ گذارش ڪنداسين ته سنڌ جي ترقياتي منصوبن لاءِ هڪ ته سنڌ کي گهربل رقم جاري ڪرڻ ۾ ڪابه دير نه ڪئي وڃي ۽ ٻيو ته سنڌ حڪومت جيڪڏهن صوبي جي سطح تي ٽيڪسن جي وصوليءَ جي تقاضا ڪري ٿي ته ان تي غور ويچار ڪري سنڌ کي اهڙا اختيار ڏيڻ گهرجن جو صوبن کي به ڪنهن حد تائين ٽيڪسز وصول ڪرڻ جو اختيار هوندو آهي.

سنڌ مجموعي طور تي گذريل ستر سالن کان ترقيءَ بجاءِ تنزليءَ طرف روان آهي جيڪا هاڻي انتهائي سنگين مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وفاقي سرڪار سنڌ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي کيس جائز مالي وسيلا فراهم ڪري ته جيئن سنڌ ترقي ڪري، سنڌ جي ترقيءَ کي به ملڪ جي ترقي سمجهڻ گهرجي.

اڱارو 18 سيپٽمبر  2018ع، 7 محرم الحرام 1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيصل واوڊا جو غير ذميواراڻو بيان

تحريڪ انصاف جي حڪومت هاڻي ٽئين مهيني ۾ داخل چُڪي آهي، گذريل ٻن مهينن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے