23 منگل , اکتوبر 2018

پاناما ريفرنسز  جي منتقلي جو معاملو: نيب سپريم ڪورٽ کان معافي وٺي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ انويسٽمينٽ ريفرنسز جي منتقلي جي معاملي تي غلط بياني تي قومي احتساب بيورو سپريم ڪورٽ کان معافي وٺي ڇڏي.  چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس اعجاز الحسن تي ٻڌل 3 رڪني بئنچ نيب طرفان داخل ڪيل درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران ايڊيشنل پراسيڪيوٽر نيب حيدر علي سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو ته نيب ريفرنسز جي منتقلي خلاف معاملو 11 سيپٽمبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر هو ۽ تفصيلي فيصلي تائين ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي. ايڊيشنل پراسيڪيوٽر وڌيڪ چيو ته مان تفصيلي فيصلو نه اچڻ جو بيان انچارج پراسيڪيوٽر سان مشوري جي بنياد تي ڏنو. هن چيو ته هاءِ ڪورٽ 7 آگسٽ تي تفصيلي فيصلو لکي چڪي هئي ۽ نيب 18 آگسٽ تي ڪيس جي تصديق ٿيل نقل حاصل ڪري ورتي. ايڊيشنل پراسيڪيوٽر حيدر علي سپريم ڪورٽ جي روبرو چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي بئنچ کان به پنهنجي غلطي تي معافي وٺي چڪا آهن ۽ جنهن کي فراغدلي سان قبول ڪيو ويو.  هن سپريم ڪورٽ کي غير مشروط معافي قبول ڪرڻ جي درخواست ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبائي حڪومتون غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف ڪارروائي ۾ سهڪار ڪن: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار صوبائي حڪومتن کي چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے