24 بدھ , اکتوبر 2018

غير قانوني طور رهندڙ ڪنهن به شخص کي شهريت نه ملڻ گهرجي: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وزيراعظم سان ڊيم فنڊ بابت ڳالهه ٻولهه نه ٿي، پوليس ۽ ايمبولينس سروس کانسواءِ ڪا گاڏي نه خريد ڪنداسين. مراد علي شاهه پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وفاق چيو هو توهان کي 5 سئو ارب ڏينداسين، 30 جون تائين اسان کي 49 ارب رپين کان به گهٽ  رقم ملي، جنهن سبب سنڌ جي بجيٽ متاثر ٿي. هن چيو ته نين اسڪيمن لاءِ 50 ارب رکيا هئا، 26 ارب ڪٽوتي ڪئي آهي، گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري سنڌ کي گهٽ رقم ملي آهي. سندس چوڻ هو ته نين اسڪيمن ۾ واٽر ڪميشن جي سفارشن تحت اسڪيم شامل ڪئي، ڪوسٽل هاءِ وي جي اسڪيم لاءِ هلندڙ سال 2 ارب رپيا رکيا آهن. وڏي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان سان سنڌ جي آفيسرن جي بدلين تي ڳالهه ٻولهه ٿي، بين الصوبائي مقرريون قانون موجب ٿيڻ گهرجن، غير قانوني طور رهندڙ ڪنهن به شخص کي شهريت نه ملڻ گهرجي، ملڪ جي قانون موجب شهريت ڏني ويندي، ڪالا باغ ڊيم مئل گهوڙو آهي، عوام کي اهو ڊيم منظور ناهي. مراد علي شاهه چيو ته پوليس ۽ ايمبولينس سروس کانسواءِ ڪا گاڏي خريد نه ڪنداسين، لگزري گاڏي استعمال ناهيان ڪندو، وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف وارا هاڻ جلسن کان ٻاهر نڪري آيا آهن، کين خبر پئجي ويندي ته حڪومت ڪيئن هلندي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے