23 منگل , اکتوبر 2018

سپريم ڪورٽ جو وفاقي حڪومت کي ڀارت ۾ قيد مهاڻن جي واپسي لاءِ عملي قدم کڻڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت کي ڀارت ۾ قيد پاڪستاني مهاڻن جي واپسيءَ لاءِ عملي قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ڀارت ۾ قيد پاڪستاني مهاڻن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پاڪستان فشر فوڪ فورم جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته مهاڻن جي واپسي ايگزيڪيوٽو ايڪشن بنا ممڪن ناهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ٻنهي ملڪن قيدين جا تفصيل جمع ڪرائي ڇڏيا، پاڪ – ڀارت جڊيشل ڪميٽي جون سفارشون به موجود آهن. سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته پاڪ – ڀارت جڊيشل ڪميٽي جي سفارشن تي عمل ڪرايو وڃي، پاڪستاني مهاڻن جي واپسي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن، جيڪڏهن ڪٿي ڏنڊ ادا ڪرڻو آهي ته اهو به حڪومت ادا ڪري. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته مهاڻن جي واپسي جو معاملو عالمي لاڳاپن جي دائري ۾ آهي، واپسيءَ لاءِ گڏيل قومن جي قراردادن تي عمل ڪرائي سگهجي ٿو، ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا ڪيئن آهن؟ ان جو علم ناهي. سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت کي مهاڻن جي واپسي لاءِ عملي قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنزيٰ تشدد ڪيس: جوابدار ڊاڪٽر محسن رياض جي 29 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) گهرو تشدد جو شڪار 11 سالن جي ننڍڙي ملازم ڪنزيٰ کي عدالت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے