21 اتوار , اکتوبر 2018

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق پئجي سگهي ٿو. دبئي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سرفراز احمد چيو ته سٺيون ٽيمون سدائين تياريءَ سان ميدان تي لهنديون آهن ۽ ڀارتي ٽيم به اسان خلاف تياري ڪئي هوندي، اسان جا بالر ۽ بيٽسمين ٻئي سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، خاص طور فخر زمان زبردست فارم ۾ آهي، پاڪ – ڀارت مقابلي جي حوالي سان رانديگرن کي چوندو آهيان ته ان ميچ کي سمجهي کيڏو. سندس چوڻ هو ته ڀارتي ٽيم ۾ ورات ڪوهلي کانسواءِ به سٺا رانديگر موجود آهن پر ڇو ته ورات ڪوهلي هڪ وڏو رانديگر آهي، تنهن ڪري سندس غير موجودگيءَ ۾ ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو. هن چيو ڪوشش ڪنداسين ته سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريون ۽ ڏسندڙن کي سٺو مقابلو ڏسڻ لاءِ ملي، سمورا رانديگر فٽ ۽ سئو سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ تيار آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف سان قانوني صلاحڪارن جي ملاقات، ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي مشورا

جاتي امرا ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي قانوني صلاحڪارن سان احتساب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے