20 ہفتہ , اکتوبر 2018

ڊيمن جي تعمير بابت سپريم ڪورٽ تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاڻي جي کوٽ ۽ ڊيمن جي تعمير بابت ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته دنيا جي سمورين معيشتن جو دارومدار پاڻي تي هوندو آهي، ڇو ته پاڪستان زرعي ملڪ آهي، تنهن ڪري هتي پاڻي جي وڌيڪ اهميت آهي. فيصلي موجب پاڪستان ۾ زراعت جو دارومدار پاڻي جي اڪيلي ذريعي سنڌو درياهه تي آهي، هن وقت ملڪ ۾ زندگيءَ جي بقا لاءِ پاڻي جي سخت ضرورت ۽ مستقبل ۾ اها کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ سڀني جي اتفاق جي ضرورت آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ديامير ڀاشا ۽ مهمند ڊيمن جي تعمير جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ مستقبل ۾ ضرورت تي سڀ متفق آهن. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان دستور جي آرٽيڪل 9 تحت ڪنهن به شهري کي زندگي جي حق کان محروم نٿو ڪري سگهجي، عوامي مفاد لاءِ سرڪاري ناڻي جي رقم خاص منصوبن تي خرچ ڪري سگهجي ٿي، عوام جي مفاد لاءِ سپريم ڪورٽ رجسٽرار جي نالي تي ڊيم اڪائونٽ کوليو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب قونصل خاني ۾ صحافي جمال خاشقجي جي قتل جي تصديق ڪري ڇڏي

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب پنهنجي استنبول قونصل خاني ۾ صحافي جمال خاشقجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے