18 جمعرات , اکتوبر 2018

بلوچستان ۾ 265 فراري هٿيار ڦٽا ڪري قومي ڌاري ۾ شامل ٿي ويا

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ 265 فراري هٿيار ڦٽا ڪري قومي ڌاري ۾ شامل ٿي ويا. بلوچستان اسيمبلي جي احاطي ۾ ٿيل تقريب دوران بلوچستان ۾ پابندي پيل تنظيمن جي 265 فرارين هٿيار ڦٽا ڪيا. ان موقعي تي هنن قومي تعمير ۽ ترقي لاءِ عزم جو اظهار ڪيو. تقريب جو خاص مهمان بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال ۽ ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل عاصم باجوا هو، جڏهن ته عسڪري ۽ سول اختيارين به شرڪت ڪئي. تقريب ۾ بلوچستان جي وڏي وزير قومي ڌاري ۾ شامل ٿيندڙ فرارين کان هٿيار وٺي کين قومي پرچم ۽ تحفا ڏنا. فرارين جو چوڻ هو ته اسان قومي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين. ڄام ڪمال چيو توهان قومي ڌاري ۾ اچي پنهنجي ڀائرن، دوستن ۽ نظام تي اعتماد ڪيو آهي، حڪومت معاملن کي سنجيدگيءَ سان ڏسي رهي آهي، ڀرپور ڪوشش ڪنداسين ته توهان جا خدشا ختم ڪيون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

جهانگير ترين وري سرگرم، آزاد ايم پي اي بلاول اصغر پي ٽي آءِ ۾ شامل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ننڍي چونڊ ۾ آزاد اميدوارن جي ڪاميابي کانپوءِ تحريڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے