16 منگل , اکتوبر 2018

وزيراعظم عمران خان پهرين سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهچي ويو

مدينو شريف (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ٻن ڏينهن جي پهرين سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهچي ويو آهي، جتي مديني جي گورنر شهزادي فيصل بن سلمان سندس آڌرڀاءُ ڪيو، جڏهن ته پاڪستاني سفير خان هشام بن صديق، سعودي اختياريون ۽ قونصليٽ جا آفيسر به موجود هئا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي وارو وزير اسد عمر، سڌ سماءَ وارو وزير فواد چوڌري ۽ واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود به وزيراعظم سان گڏ آهن. عمران خان وفد سان گڏ رسول صه جي روضي تي حاضري ڀريندو ۽ عمرو ادا ڪرڻ کانپوءِ مڪي شريف ويندو، جتي سندس سعودي قيادت سان سڀاڻي ملاقات ٿيندي. وزيراعظم سعودي عرب ۾ پاڪستاني ڪميونٽي سان به ملاقات ڪندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

صحافين، ايڊيٽرن ۽ ميڊيا جي شعبن سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي فوري مدد لاءِ سي پي اين اِي جي هيلپ لائن جو افتتاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اِي) پاران صحافين، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے