16 منگل , اکتوبر 2018

رت جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ صوف ۽ ڪيلي جو جوس استعمال ڪيو

رت جي کوٽ اهڙو مسئلو آهي، جيڪو هر 10 مان 8 ماڻهن کي هوندو آهي پر ڇا توهان کي خبر آهي ته صوف ۽ ڪيلي جو جوس ٿولهه گهٽائڻ سان گڏوگڏ جسم ۾ آئرن جي سطح وڌائڻ ۾ به مدد فراهم ڪندو آهي. صحت جي عالمي اداري جي هڪ اندازي موجب دنيا جي 80 سيڪڙو آبادي آئرن جي کوٽ جو شڪار هوندي آهي، خاص طور ڳورهاري عورتن ۾ اهو خطرو وڌيڪ هوندو آهي. صوف ۽ ڪيلو غذائيت سان ڀريل ميوا آهن. هڪ وچولي سائز جي صوف ۾ 95 ڪيلوريز، 25 گرام ڪاربوهائيڊريٽ، آئرن ۽ وٽامن سي هوندي آهي، جڏهن ته ڪيلي ۾ فولڪ ايسڊ ۽ وٽامن بي 12 جهڙيون خاصيتون موجود آهن، جيڪي رت جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ فائديمند آهن. صوف نه رڳو آئرن حاصل ڪرڻ لاءِ سٺو ذريعو آهي پر ان سان جسم کي پوٽاشيم به ملندو آهي، جيڪو بلڊ پريشر کي معمول تي آڻڻ ۾ مدد ڏيندو آهي، اهڙي ريت ڪاپر به اهڙو منرل آهي، جيڪو جسم ۾ هيموگلوبن ٺاهڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. ڪيلن ۾ به آئرن جي وڏي مقدار موجود هوندي آهي، جڏهن ته اهي فائبر ۽ پوٽاشيم به فراهم ڪندا آهن.

جوس ٺاهڻ لاءِ شيون:

هڪ صوف، هڪ ڪيلو، هڪ چمچو ماکي ۽ اڌ گلاس کير

طريقو:

ڪيلي کي کَل لاهي ان جا ٽُڪرا ڪيو، جڏهن ته صوف کي کَل سان گڏ ئي ٽڪرن ۾ ڪَٽيو، هاڻ انهن کي جوسر ۾ وجهي هڪ چمچو ماکي شامل ڪيو ۽ پوءِ کير وجهي سڀني شين کي چڱي طرح بلينڊ ڪيو، بس پوءِ گلاس ۾ لاهي پي ڇڏيو، ان جوس جي استعمال سان توهان گهٽ وقت ۾ رت جي کوٽ ختم ڪري سگهو ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنڪ فوڊ جي عادت سگريٽ يا ڪنهن منشيات کان گهٽ ناهي : ماهر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڇا توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته جنڪ فوڊ کي ڇڏڻ ايترو مشڪل ڇو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے