21 اتوار , اکتوبر 2018

ڪراچي: رينجرز جون مختلف علائقن ڪارروايون، 5 ڏوهاري گرفتار

A suspect was arrested from Karachi's Karachi area of Karachiڪراچي (ويب ڊيسڪ) رينجرز شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي 5 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن جي قبضي مان هٿيار، منشيات ۽ ٻيو سامان هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. رينجرز ترجمان موجب گلشن معمار جي علائقي مان ٽن ڏوهارين زين، محمد اسلام ۽ آصف کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪي اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن ۾ ملوث آهن. هوڏانهن محمود آباد ۽ جمشيد ڪوارٽر وارن علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي جوابدار شهزور شاهد عرف ڪالا ۽ فيضان عرف چوها کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪي ڦر سميت ڏوهن جي ٻين وارداتن ۾ ملوث آهن. جوابدارن جي قبضي مان هٿيار، ايمونيشن، منشيات ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو ۽ وڌيڪ ڪارروائي لاءِ کين پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے