21 اتوار , اکتوبر 2018

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري وزيراعظم جي اعلان خلاف جيئي سنڌ محاذ جي ڏھرڪي ۾ رٿيل ڌرڻي جي سلسلي ۾ جسم جي سربراهه رياض چانڊئي ۽ ٻين جي مختلف سياسي اڳواڻن  سان گڏجاڻيون ڪري ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني

محاذ چيئرمين رياض علي چانڊئي ڪراچي ۾ جي يو آءِ سنڌ جي صدر علامه راشد محمودسومرو، نوازشاه ڀاڏائي، ايڊووڪيٽ سجادسولنگي، نسيم شاهاڻي، رياض خان جتوئي، سينئرسياستدان ڊاڪٽرذولفقارمرزا، سنڌ اسيمبلي ۾ جي ڊي اي جي پارلياماني اڳواڻ حسنين مرزا، معظم خان عباسي سان گڏيل ملاقات ڪئي

ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته درياهه تي عالمي قانون توڙي شريعت موجب حق پڇڙي وارن جو آھي,سنڌ ۾ ھٿرادو پاڻي جي کوٽ پئدا ڪري اسانکي معاشي طور تباهه ڪيو ويو پيو وڃي

هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم سنڌ جي بربادي جو منصوبو آھي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ سنڌ کي قبول ناهي,۽ ٻين ڊيمن تي به سخت خدشا آھن

رياض چانڊئي چيو ته پناهگيرن کي سنڌ جو شھري بڻائي اسانکي پنهنجي سرزمين تي حق حاڪميت کان محروم ڪرڻ جي رٿا جوڙي وئي آھي,جنهن جي مذمت ڪيون ٿا

سندس چوڻ هو ته وزيراعظم پرڏيهن کي نيڪالي ڏيڻ جو بندوبست ڪري ۽ ھن معاملي تي اسيمبلي جي اندر ۽ ٻاهر گڏيل جدوجهد تي اتفاق ڪيو ويو.

ٻئي پاسي جسم وفد ممتاز علي ڀٽو جي رهائشگاهه پهچي عيادت ڪئي ۽ سندس پٽ اميربخش خان ڀٽو سان ملاقات ڪري سنڌو تي غيرقانوني قبضي ۽ ٺھندڙ ڊيمن ۽ عمران خان جي غيرملڪين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري اعلان تي ڳالھيون ڪري 7 تاريخ واري ڌرڻي ۾ شرڪت جي ڪوٺ ڏني

هوڏانهن رياض چانڊئي جي اڳواڻي ۾ جسم وفد عوامي جمهوري پارٽي جي سربراه امان الله شيخ ۽ جسقم سربراهه صنعام قريشي ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف گڏيل جدوجهد هلائڻ تي اتفاق ڪيو ويو..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | اسلام ڪوٽ ۾ نوجوان جي مايوسي ڪٿي دنگ ٿي؟ اذيت ڏيندڙ موت تي حيران ڪندڙ انڪشاف

ڳوٺ ڌرم جي ويري واسي نوجوان  جبل ميگهواڙ وڻ ۾ ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے