24 بدھ , اکتوبر 2018

نيوز | ٺارو شاھ: ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شھيدن کي ڀيٽا ڏني وئي

ٺارو شاھ ۾ به مجلس ڪرائي ۽ ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شھيدن کي ڀيٽا ڏني وئي.

ڳوٺ جمال اڄڻ سميت مختلف ڳوٺن مان جلوس ڪڍي ٺارو شاهه جي امام بارگاهه سيد احمد پهتا، جتي ماتم ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏني وئي.

معصوم امام علي اصغر جو پينگهو ڪڍي کيس ڀيٽا پڻ ڏني وئي، جنهن بعد مجلس ۾ مختلف ذاڪرن حضرت امام حسين جي حياتي ۽ ڪربلا جي واقعي تي روشني وڌي.

ذاڪرن جو چوڻ هو ته حضرت محمد صعلم جا پيارا اسلام خاطر ڪربلا جي ميدان ۾ قرباني نه ڏين هان ته اڄ اسلام دنيا ۾ نه هجي ها.

هنن چيو ته نانا جي دين کي بچائڻ لاءِ حضرت امام حسين پنهنجي سموري خاندان ۽ معصوم علي اصغر سميت قرباني ڏئي اسلام جو نعرو بلند ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀٽائي جو عرس شروع، ڪنهن ڪيو افتتاح، سجاده نشين ڪهڙو ڏنو پيغام ؟ سيد وقار حسين شاهه جي خطاب ڪري ڇڏيو سڀني کي لاجواب؟

ڀٽ شاهه ۾ شاعرن جي سرتاج شاهه لطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ جون غير سرڪاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے