16 منگل , اکتوبر 2018

نيوز | نوابشاهه: ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ عزداري جو سلسلو هلندڙ

نوابشاهه ۾  امام حسين عليه اسلام ۽ ان جي ساٿين  کي  ڀيٽا ڏيڻ لاءِ  مجلس عزا جو سلسلو جاري آهي .

مرڪزي مرتضوي امام بارگاهه علامه عابد رضا عرفاني، قمر بني هاشم امام بارگاهه ۾ مولانا معراج حسين لغاري، حسينه سجاديه ۾ سيد معارج، حب علي امام بارگاهه ۾ زوار محمد حسين چانڊيو، يادگار ڪربلا امام بارگاهه ۾ مولانا بهادر علي تبيو، ابل افضل عباس تاج ڪالوني مولانا ڪفايت حسين ڪريمي، شاهه خراشان امام بارگاهه حيبب شگر مل ۾ مولانا صابر حسين ۽ ٻيا مجلسون پڙهي رهيا آهن.

عورتن لاءِ مخصوص ٻن امام بارگاهن حيدري امام بارگاهه لائين پار نوابشاهه ۽ امام علي رضا امام بارگاهه غريب آباد ۾ عورتن جون مجلسون هلي رهيو آهن.

حيدري امام بارگاهه کان ماتمي جلوس برآمد ٿيو جيڪو مقرر رستن کان ٿيندو واپس امام بارگاهه تي پهتو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز| دولتپور صفن: آبادگارن  پاران پاڻي کوٽ خلاف بک هڙتال

*دولتپور صفن  ۾ آبادگارن ۾ پاڻي کوٽ خلاف علامتي بک هڙتال شروع ڪئي وئي. قومي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے