23 منگل , اکتوبر 2018

نيوز | سجاول: انتظاميا جي بي ڌياني سبب 3 قبرستان مسمار ٿيڻ لڳا

سجاول ۾ انتظاميه جي بي ڌياني سبب 3 قبرستان مسمار ٿيڻ لڳا آهن.

قديمي قبرستانن سيد جلال شاهه بخاري، مصري شاهه ۽ بابا يارو شاهه مٽي نه پوڻ ۽ چوديواري نه اڏجڻ سبب مسمار ٿيڻ لڳا.

قبرستانن کي ڀِٽ نه هجڻ سبب رولو ڪتن ۽ ٻين جانورن جي اچڻ ڪري قبرن جي بيحرمتي ٿيڻ لڳي، پر انتظاميه اک نه پٽي.

سماجي ڪارڪنن ۽ شهرين جو چوڻ هو ته هنن گذريل سال چندو ڪري قبرستانن ۾ مٽي لھرائي، ڪيترائي ڀيرا انتظاميه کي چيو ويو، پر اڄ تائين ڪو به ڌيان نه پيو ڏنو وڃي.

هنن چيو ته انتظاميه جي بي ڌياني سبب قبرستانن جي سار سنڀال نٿي ٿي سگهي،  جنهن سبب رولو ڪتن جي اچڻ سان قبرستان مسمار ٿيندا پيا وڃن ۽ قبرن جي بيحرمتي ٿئي پئي.

شھرين ۽ سماجي ڪارڪنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته قبرستانن جي سار لهي چوديواري اڏائي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ملير ۾ گلشن حديد روڊ جي افتتاحي تقريب، ضلع ڪائونسل جي چيئرمين سلمان عبدالله مراد عملدارن کي ڇو پٽي ڇنڊ، ڄاڻڻ لاءِ ڏسو هن خبر ۾

ڪراچي ضلع ڪائونسل جي  چيئرمين سلمان عبدالله مراد چيو آهي ته عوام جي وچ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے