22 پیر , اکتوبر 2018

ڪراچي ۾کير 100 رپيا ڪلو وڪرو، ڪمشنر ۽ واپارين ۾ڳالهيون ناڪام

 ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ کير 100 رپيا ڪلو وڪرو، ڪمشنر ڪراچي جي کير جي واپارين سان گڏجاڻي بِنا نتيجي ختم، واپارين کير 85 رپيا

ڪلو کپائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڪيترن ئي علائقن ۾ دڪان بند، ڪاروايون ڪيون ويون. کير جو شديد بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي. ان سلسلي ۾ ڄاڻ موجب ته ڪراچي ۾ کير جا واپاري انتظاميا کان به ڏاڍا ٿي ويا آهن. سرڪاري اگھه تي کير وڪرو ڪرائڻ لاءِ ڪمشنر ڪراچي جا سمورا هلايل حيلا ناڪام ٿي ويا آهن. گذريل ڏينهن ڪراچي جي ڪمشنر ۽ کير جي واپارين وچ ۾ اگھن بابت گڏجاڻي ٿي. جيڪا ڪافي دير هلڻ باوجود بِنا نتيجي ختم ٿي وئي. ذريعن موجب ته واپارين ڪمشنر کي سرڪاري اگھه يعني 85 رپيا کير کپائڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو. جنهن بعد شهر جي ڪجهه علائقن ۾ انتظاميا 100 رپين ۾ کير کپائيندڙ دڪان بند ڪرائي ڇڏيا ۽ ڪاروايون پڻ ڪيون ويون. جڏهن ته انتظاميا ۽ واپارين ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ سبب کير جو بحران پيدان ٿيڻ جو خدشو آهي.05

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي ماهرن ننڍا ڊيم ٺاهڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي، سنڌ طاس ٺاهه تي نظرثاني ڪئي وڃي: پاڻي ڪانفرنس

اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته منهنجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے