21 اتوار , اکتوبر 2018

ڪراچي ۾ ٽائيم اسڪيل ۽ نرسنگ يونيورسٽي لاءِ ڌرڻو

Larachi,  NursingUniversityڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ نرسن ٽائيم اسڪيل نه ملڻ خلاف ۽ نرسنگ يونيورسٽي جي بحاليءَ لاءِ نرسنگ ايسوسيئيشن پاران غلام دستگير، بدر

ابڙو، واحد جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي نرسن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل سال نرسنگ يونيورسٽي، ٽائيم اسڪيل ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو هو، جنهن تي صحت کاتي جي اختيارين مطالبا منظور ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي. هنن چيو ته خاطري کي هڪ سال گذري ويو آهي پر اڃا تائين هڪ مطالبو به منظور ناهي ڪيو ويو. هنن مطالبو ڪيو ته نرسن کي ٽائيم اسڪيل ڏئي نرسنگ يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.05

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

Kandhar Polls: Afghan election commissioners recommend suspending Kandahar vote

افغانستان ۾ اڄ چونڊ، دهشتگردي بعد قنڌار ۾ ملتوي

ڪابل(م ڊ) پوليس چيف عبدالرازق جي قتل کانپوءِ افغانستان جي صوبي قنڌار ۾ اڄ ٿيندڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے